خيرپور ڀرسان اُڀڙي جي رهواسين غلام شبير بگٽي، محمد اسلم، محمد اڪرم پنهنجي امڙ نسيم بيگم ۽ ڀيڻ رابيل سان گڏ پريس ڪلب خيرپور ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي

خيرپور (ڊر) خيرپور ڀرسان اُڀڙي جي رهواسين غلام شبير بگٽي، محمد اسلم، محمد اڪرم پنهنجي امڙ نسيم بيگم ۽ ڀيڻ رابيل سان گڏ پريس ڪلب خيرپور ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي اخبار وارن کي ٻڌايو ته اسان جو پيءُ مريد حسين بگٽي جو جيرو ختم ٿي ويو هو، جنهن کي رابيل جيرو ڏنو ۽ جيري جي پيوندڪاري واري آپريشن دوران اسان جو پيءُ فوت ٿي ويو، جنهن بعد اسان جو چاچو پرويز بگٽي اسان جي پيءُ جي حصي جي ملڪيت تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن اسان هن کان حصو گهريو ته هن اسان کي موتمار ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، نسيم بيگم ٻڌايو ته هاڻي مان پنهنجي ڌي رابيل جو علاج ڪرائڻ چاهيان ٿي پر اسان وٽ ايترا پئسا ناهن جو هن جو علاج ڪرائي سگهون، هنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته پرويز بگٽي خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

سردار مکڻ دادا ۽ سميع الله ترڪ جي ميزباني هيٺ اي آر ايل ايس پاڪ آرمي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ

Read Next

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ مومنٽ جي مرڪزي صدر مولانا فصل الرحمان نوابشاهه سرڪٽ ھائوس ۾ پريس ڪانفرنس

Most Popular