پاڪستان ڊيموڪريٽڪ مومنٽ جي مرڪزي صدر مولانا فصل الرحمان نوابشاهه سرڪٽ ھائوس ۾ پريس ڪانفرنس

نوابشاھه(رپورٽ:دانش حيدر) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ مومنٽ جي مرڪزي صدر مولانا فصل الرحمان نوابشاهه سرڪٽ ھائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته موجوده وفاقي حڪومت مئنڊيٽ چوري ڪري جعلي طريقي سان ٺاھي وئي آھي، ھن چيو ته عمران نيازي ۽ سليڪٽرس ملڪ ۾ غير يقيني صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي، ھن چيو ته چئني صوبن ۾ سول انتظاميا تي فوج مڙھيل آهي ۽ ھن وقت ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مارشلا آهي جنھن کي ختم ٿيڻ گھرجي، ھن چيو ته اسان ھر وقت ايمرجنسي ۾ آھيون، ھن چيو ته پي ڊي ايم جو اتحاد اليڪشني اتحاد ناھي پر جھموريت جي بحالي ۽ ھن جعلي حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪرڻ آهي، ھن چيو ته آئي جي سنڌ کي اغوا ڪرڻ واري معاملي تي انڪوائري ڪرڻ جي ڪابه صورت ناھي پر آئي جي کي اغوا ڪندڙن خلاف فوري ڪارروائي ڪرڻ گھرجي، ھن چيو ته ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري وارو عمل مذمت جوڳو آهي، ھن چيو ته پي ڊي ايم جي اتحاد کي ڪوبه خطرو ناهي، ھن چيو ته سنڌ پوليس جو جيڪو مورال ڪريو آھي ان کي بحال ڪرڻ گھرجي، ھن چيو ته پي ڊي ايم جي جدوجھد نئين چونڊن تائين جاري رھندي، نيب جي ذريعي اسان کي جھڪائي نٿو سگھجي، انھيءَ موقعي مولانا راشد محمود سومرو، مولانا حافظ عبدالله قيوم چنه، شفيق جمالي ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا، جڏھن ته بعد ۾ مولانا فضل الرحمان سخت سيڪيورٽي ھيٺ سکر لاءِ روانو ٿي ويو.

Read Previous

خيرپور ڀرسان اُڀڙي جي رهواسين غلام شبير بگٽي، محمد اسلم، محمد اڪرم پنهنجي امڙ نسيم بيگم ۽ ڀيڻ رابيل سان گڏ پريس ڪلب خيرپور ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي

Read Next

هلندڙ صورتحال دوران نيب کي برداشت نٿو ڪري سگهجي: مولانا فضل الرحمان

Most Popular