ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا به پاڪستاني ڊرامن جي ديواني نڪتي

ممبئي:   قومي رانديگر شعيب ملڪ جي گهر واري ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا به پاڪستاني ڊرامن جي ديواني نڪتي. پاڪستاني ڊرامه پنهنجي معيار ۽ حقيقت ڪهاڻين سبب سڄي دنيا ۾ ڏٺا ۽ پسند ڪيا ويندا آهن.  ڀارتي عوام به پاڪستاني ڊرامن جا ديوانا آهن، پاڪستاني ڊرامن کي پسند ڪندڙن ۾ ثانيه مرزا به شامل آهي جيڪا اڄڪلهه پاڪستاني ڊرامه سيريل(ميرا دل ميرا دشمن)  ڏسي رهي آهي. تازو ئي ثانيه مرزا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ ٻڌايو ته مان سڄي ڏينهن جي تڪاوٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ ڇا ڪندي آهيان. هن هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هن کي هٿ ۾ ڪيمومائل چانهه جو ڪوپ پڪڙيل نظر اچي رهيو آهي. هن استوري ۾ لکيو آهي ته پٽ کي سمهارڻ کان پوءِ ڪيمومائل چانهه جو ڪوپ ۽(ميرا دل ميرا دشمن). واضح رهي ته پاڪستاني  خانگي چينل تي نشر ٿيندڙ ڊرامه سيريل(ميرا دل ميرا دشمن) تازو ئي ختم ٿيو آهي ڊرامي ۾ عليزي شاهه، ياسر نواز ۽ نعمان سميع مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو ۽ هي ڊرامو پاڪستاني شوقينن ۾ ڪافي مشهور ٿيو هو.

Read Previous

بلوچستان ۾ دهشتگردي جي وڏي ڪوشش ناڪام، وڏي انگ ۾ ڌماڪيدار مواد هٿ

Read Next

نائيجيريا ۾ ڪرفيو جي باوجود مظاهرن جو سلسلو جاري، فوتين جو انگ اٺاويهه ٿي ويو

Most Popular