نائيجيريا ۾ ڪرفيو جي باوجود مظاهرن جو سلسلو جاري، فوتين جو انگ اٺاويهه ٿي ويو

ابوجه:   نائجيريا ۾ ڪرفيو جي باوجود مظاهرا جاري آهن. شهرين جي مارجي وڃڻ تي آفريقي يونين ۽  ايمنسٽي انٽرنيشنل ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. جهيڙن ۾ مارجي ويلن جو انگ 28 ٿي ويو آهي جڏهن ته 50 کان وڌيڪ زخمي آهن. آفريڪي ملڪ نائجيريا ۾ حالتون لاڳيتو ڇڪتاڻ واريون آهن، پوليس تشدد جي خلاف ڪيل مظاهرا پرتشدد ٿي ويا آهن.  گادي واري شهر ابوجا سميت ٻين شهرن ۾ باهيون ڏيڻ جي واقعن ۾ واڌ ٿي آهي. مظاهرين لاڳيتو روڊن تي موجود آهن. وڏي شهر لاگوس جي هاءِ ڪورٽ جي عمارت کي باهه ڏني وئي. ملٽري اختيارين فوجين طرفان مظاهرين تي گوليون هلائڻ جي الزام کي رد ڪري ڇڏيو.  مظاهرين  پوليس خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.  لنڊن ۾ نائجيريا هاءِ ڪميشن جي سامهون به شهرين فوتگين خلاف احتجاج ڪيو جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. عوام گذريل ٻن هفتن کان پوليس جي بربريت خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي.

Read Previous

ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا به پاڪستاني ڊرامن جي ديواني نڪتي

Read Next

مفت وائي فائي جي لاءِ تازي ڄاول ٻار جو نالو انٽرنيٽ ڪمپني جي نالي تي رکيو ويو

Most Popular