زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم آرمي اسٽيڊيم راولپنڊي ۾ پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي

راولپنڊي:   زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم آرمي اسٽيڊيم راولپنڊي ۾ پاڪستان سان ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي تياري شروع ڪري ڏني آهي.  تجربيڪار ايلٽن چگمبورا چيو آهي ته ٽيم ۾ شامل تجربيڪار رانديگرن اسان کي فتح ڏياري سگهن ٿا ۽ اسان هر ميچ کٽڻ جي لاءِ ميدان ۾ لهنداسين. زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم ۽ آفيشلز جا ڪورونا ٽيست ٿي ويا آهن ۽ سمورا رانديگر موذي وبا مان ڪليئر ٿي ويا.  ٽيسٽ گذريل  ڏينهن ڪيا ويا هئا. مهمان ٽيم هوٽل جي بائيو سيڪور ماحول ۾ آهي ۽ سمورا رانديگر ۽ آفيشلز هڪ هفٽي آئسوليشن ۾ رهندا. ان دوران آرمي اسٽيڊيم راولپنڊي ۾ زمبابوي جي ٽيم کي پريڪٽس جون سهوليتون ڏنيون ويون آهن. گذريل ڏينهن مهمان ٽيم بالنگ، بيٽنگ ۽ فيلڊنگ جون مشقون ڪيون.

Read Previous

مفت وائي فائي جي لاءِ تازي ڄاول ٻار جو نالو انٽرنيٽ ڪمپني جي نالي تي رکيو ويو

Read Next

عراقي بينڪ جي انوکي آڇ: ٻئي شادي ڪريو ۽ هڪ ڪروڙ روپيه روڪ وٺو

Most Popular