مفت وائي فائي جي لاءِ تازي ڄاول ٻار جو نالو انٽرنيٽ ڪمپني جي نالي تي رکيو ويو

سوئزرلينڊ:  سوئزرلينڊ مان هڪ دلچسپ خبر آئي آهي ته والدين مفت وائي فائي جي لاءِ پنهنجي تازي ڄاول ٻارڙي جو نالو انٽرنيٽ سروس  فراهم ڪندڙ ڪمپني جي نالي تي رکيو ويو آهي. هن ٻارڙي کي لوائي فاينا جي نالي سان سڏيو ويندو. ان واقعي مان ظاهر ٿئي ٿو ته ماڻهو مفت وائي فائي جي لاءِ ڪجهه به ڪري سگهن  ٿا. ٻارڙي جي والد فيس بڪ تي هڪ اشتهار ڏٺو جنهن ۾ وائي فائي اسٽارٽ اپ ڪمپني لوائي فائي اعلان ڪيو هو ته جيڪو به پنهنجي ٻار جي ڄمڻ تي ان جو نالو ڪمپني جي نالي تي رکندو ان ٻار کي 18 سالن تائين مفت وائي فائي فراهم ڪيو ويندو.  اشتهار ۾ لکيل هو ته ٻارڙي جي تصوير ۽ پيدائش واري سند جي تصوير موڪلڻ ۽ تصديق کان پوءِ  ٽوائي فائي  ان کي 18 سالن تائين مفت سروس فراهم ڪندو. ٻئي طرف والد  اڳ ئي سوچي چڪو هو ته پٽ ٿيو ته ان جو نالو ٽوافائيا ۽ جيڪڏهن ڌيءَ ٿي ته ان جو نالو ٽوائي فس رکيو ويندو.  والدين پنهنجو نالو نه ٻڌائڻ جي شرط تي چيو ته وائي فائي جو ماهوار خرچ 18سالن تائين بچايو ويندو ۽ ان کي بالغ ڇوڪري جي تعليم، ڪاروبار  يا ڪنهن ٻئي  ضرورت تي خرچ ڪيو ويندو.

Read Previous

نائيجيريا ۾ ڪرفيو جي باوجود مظاهرن جو سلسلو جاري، فوتين جو انگ اٺاويهه ٿي ويو

Read Next

زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم آرمي اسٽيڊيم راولپنڊي ۾ پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي

Most Popular