پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي صوبائي صدر سيد صدر دين شاهه راشدي جي 60هين سالگرهه جي موقعي تي سکر ۾ تقريب منعقد

سکر( رپورٽ.امداد علي گل ڪلوڙ) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي صوبائي صدر سيد صدر دين شاهه راشدي جي 60هين سالگرهه جي موقعي تي سکر ۾ تقريب منعقد، ڪيڪ ڪٽيو ويو، ان سلسلي ۾ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي صوبائي صدر پير سيد صدر دين شاهه راشدي جي 60هين سالگرهه واري تقريب سکر جي آفيس ۾ ٿي گذري. تقريب ۾ سيد شفقت علي شاهه، سيد جيئل شاهه، عبدالحق مهر، الطاف مهر، جاويد شيخ، حنيف شيخ، ملڪي مل، طالب حسين ٻرڙو، شاهد ملڪ، سيد ارشد شاهه، صدر دين سميجو، ارباز عباسي، جنيد نوناري، ڪوثر پروين، ساجدا شيخ، خالدا پٺاڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سيد صدر دين شاهه راشدي جي سموري ڄمار ف ليگ جي پليٽ فارم تان عوام جي خدمت ڪندي گذري آهي، ف ليگ جي ڪارڪنن کي پنهنجي قائدين جي ڏسيل راهه تي هلڻ سان گڏو گڏ عوامي خدمت جي جذبي کي اپنائڻ گھرجي، هنن چيو آهي ته ف ليگ هميشه حق سچ ۽ سنڌ جو مظلوم عوام کي پيش ايندڙ مسئلن بابت آواز اٿاريو آهي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ ۾ موجود پ پ جي حڪمرانن سنڌ کي بنجر بڻائي ڇڏيو آهي هر طرف مسئلن جا انبار لڳل آهن. شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ ڪوبه روڊ رستو درست حالت ۾ نظر نه پيو اچي، جنهن ڪري رهواسي مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويا آهن، هنن چيو آهي ته پير صاحب پاڳاري جي اڳواڻي ۾ ف ليگ جو هر ڪارڪن سنڌ ۽ سنڌين جي حقن لاءِ هر ڪارڪن جاکوڙ جاري رکندو. ان موقعي تي سيد صدر دين شاهه راشدي جي 60هين سالگرهه جي موقعي تي 60 پائونڊ جو ڪيڪ ڪٽيو ويو، جنهن ۾ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪري سيد صدر دين شاهه جي وڏي ڄمار لاءِ دعا گھري

Read Previous

گڊو پوليس ۽ چورن وچ ۾ دوبدو فائرنگ۔ چور مينهن ڇڏي فرار ٿي ويا

Read Next

سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي اينٽي انڪروجمينٽ فورس حدد دخليون خلاف ڪارواءي تيز ڪري ڇڏي

Most Popular