گڊو پوليس ۽ چورن وچ ۾ دوبدو فائرنگ۔ چور مينهن ڇڏي فرار ٿي ويا

ڪشمور ( رپورٽ اعجاز احمد  )گڊو پوليس ۽ چورن وچ ۾ دوبدو فائرنگ۔ چور مينهن ڇڏي فرار ٿي ويا۔ مينهن واپس ملڻ تي ڀاڳين پاران پوليس زنده آباد جا نعره۔ تفصيل موجب: گڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ سنجر سميجو ۾ رات دير سان نامععلوم چور جان محمد سميجو جي ڀلوڙ مينهن ڪاهي فرار ٿي رهيا هئا ته ڀاڳيا سڄاڳ ٿي پيا جن بروقت فون وسيلي اهڙو اطلاع گڊو ٿاڻي  جي پوليس کي ڏنو۔ پوليس ايس ايڇ او  محمد صادق اوڍو جي اڳواڻي ۾ چورن جو پيڇو ڪيو۔ پوليس کي پويان ايندي ڏسي چورن فائرنگ ڪري ڏني۔ دوبدو مقابلي کان پوء چور مينهن ڇڏي رات جي انڌاري جو فائدو وٺندي ڪچي طرف فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔ پوليس چوري ڪيل مينهن واپس ڀاڳين حوالي ڪئي۔ مالڪن مينهن ملڻ تي خوشي ۾ گڊو پوليس ۽ ايس ايڇ او  زنده آباد جا اڀ ڏاريندڙ نعره هنيا۔ ان موقعي تي ايس ايڇ او گڊو ڳالهائيندي چيو ته منهنجو هر جوان عوام جي مال و جان جي حفاظت لاء هر وقت تيار آھي ڏينهن هجي يا رات اوهان صرف اطلاع ڪيو مان نفري ساڻ ڪري موقعي تي پهچي ويندس۔ ڏوهن جي خاتمي تائين سک سان نه ويهندس۔

Read Previous

نوابشاهه: ھوم بيسڊ ورڪرز فيڊريشن پاران گھرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان سيمينار منعقد ڪيو ويو

Read Next

پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي صوبائي صدر سيد صدر دين شاهه راشدي جي 60هين سالگرهه جي موقعي تي سکر ۾ تقريب منعقد

Most Popular