مٽياري : بکر جمالي ڀرسان علي بحر واھ لينسڊائون پل تي رهندڙ مُنڍ جي زميندارن جوپاڻي نه ملڻ خلاف آبپاشي عملدار ۽ نظيربرادرس ڪنسٽريڪشن خلاف احتجاجي مظاھرو۽ سخت نعريبازي ڪئي ويئي. بکر جمالي ڀرسان علي بحر واھ تي ٽيگھاٽو لينسڊائون پل وٽ اڄياڻو شاخ جي منڍ جي ڳوٺاڻن ۽ زميندارن جو پاڻي نه ملڻ خلاف آبپاشي عملدارن پرائيوئيٽ ڪمپني خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري سندن خلاف سخت نعريبازي ڪئي.ان سلسلي ۾ حاجي قيصر جمالي وقار جمالي نظير حسين خاصخيلي ,اعجاز خاصخيلي، غلام رسول خاصخيلي ,عبدالستارجمالي ,علي احمد خاصخيلي سميت ڪيترن ڄڻن آبپاشي عملدارن ۽ نظير برادرس اينڊ ڪمپني خلاف الزام ھڻندي چيو ته اڄياڻو شاخ کي 15ڏينھن چئي ھڪ ميھني جي ٽائيم ۾ پڪو ڪيو ويو. ھوڏانھن مختلف جاين تان شاخ ۾ ٽيڪنيڪل فالٽ ڪري آبپاشي عملي سان ملي ڀڳت ڪري مُنڍ جي زمينن جي ليول کان 2 فوٽ شاخ کي ھيٺ ٺاھي منڍ جي زمينن جي پاڻي تي راھانتو ھنيو ويو آھي، اسان ايس ڊي او شھداد پور ۽ نظير اينڊ برادر ڪمپني کي صاف لفظن ۾ چئو ٿا ته اسان جي شاخ تي اسان جي ٽنھي واٽر تي جائز پاڻي پھچايو انگريزن جي دور کاان ھن شاخ ۾ 14 آر,ڊي وٽ فال بڻيل ھو اھوبه ٽوڙيو ويو آھي، ان کي واپس لڳائي ڏنو وڃي ۽ 6 آر,ڊي وٽ دڪا لڳائي پاڻي بحالي کي يقيني بنايو وڃي ٻي صورت ۾ اسان احتجاجن اڄياڻو شاخ جي دروازن تي پھچي شاخ کي مڪمل طور بند ڪري ڇڏينداسون يا شھدادپور آبپاشي عملي جي آفيس اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھندا سون.