جشن عيد ميلادالنبي صلي ﷲ عليه وسلم خاتم النبي ن جي سلسلي ۾ عبدالقدير گجر جي صدارت ۾ اي سي آفيس گڏجاڻي منقعد ڪئي وئي

قاضي احمد (رپورٽ علي نواز جتوئي) جشن عيد ميلادالنبي صلي ﷲ عليه وسلم خاتم النبي ن جي سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر قاضي احمد عبدالقدير گجر جي صدارت ۾ اي سي آفيس قاضي احمد ۾ گڏجاڻي منقعد ڪئي وئي جنھن ۾ مختلف سرڪاري کاتن هيلٿ کاتي واپڊا کاتي پوليس کاتي ٽائون ڪاميٽي قاضي احمد جي آفيسرن علماء ڪرام پريس ڪلب قاضي احمد جي صحافين ء شھر جي معزز شخصيتن شرڪت ڪئي اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالقدير گجر گڏجاڻي جي مقصد تي ڳالھائيندي چيو ته ربيع الاول جو بابرڪت ۽ ڀلارو مهينو آھي اسان جي پياري نبيء ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي ولادت با سعادت 12 ربيع الاول تي ٿي هي مهينو برڪتن وارو مهينو آھي ان سلسلي ۾  وڏي ۾ وڏي ۽ مرڪزي ريلي 12 ربيع الاول جي ڏينهن شير محمد انڙ ڪالوني مان نڪرندي ان سان گڏ ننڊيون وڏيون ريليون نڪرنديون جيڪي مرڪزي ريلي سان گڏ ملي پنهنجي مقرر ڪيل رستن سان ٿيندي اختتام پذير ٿينديون اڄوڪو اجلاس گهرائڻ جو مقصد آھي ته ملڪ جي موجوده ڪورونا وائرس واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسان تي فرض عائد ٿئي ٿو ته اسان عوام کي ماسڪ سينيٽائيزرز جي استعمال کي لازمي بنايون ء عوام کي سوشل ڊسٽنس سان رهي ڪري اجتماعات ۾ شرڪت ڪريون ان کان علاوه مختلف معاملن تي رايا ورتا ويا ته جيئن جشن عيدميلادالنبي جي پروگرام کي حتمي شڪل ڏني وڃي.

Read Previous

نوشھروفيروز 11 مهينا اڳ قتل ٿيل پيرسن جو قاتل گرفتار ٿيل جوابدار 17 سالا نوجوان محمد علي چانڊيو کي پوليس گرفتار

Read Next

بکر جمالي ڀرسان زميندارن جو پاڻي نه ملڻ خلاف آبپاشي عملدار ۽ نظير برادرس ڪنسٽريڪشن خلاف احتجاجي مظاھرو۽ سخت نعريبازي ڪئي ويئي

Most Popular