بکر جمالي ڀرسان زميندارن جو پاڻي نه ملڻ خلاف آبپاشي عملدار ۽ نظير برادرس ڪنسٽريڪشن خلاف احتجاجي مظاھرو۽ سخت نعريبازي ڪئي ويئي

مٽياري : بکر جمالي ڀرسان علي بحر واھ لينسڊائون پل تي  رهندڙ مُنڍ جي زميندارن جوپاڻي نه ملڻ خلاف آبپاشي عملدار ۽ نظيربرادرس ڪنسٽريڪشن خلاف احتجاجي مظاھرو۽ سخت نعريبازي ڪئي ويئي.  بکر جمالي ڀرسان علي بحر واھ تي ٽيگھاٽو لينسڊائون پل وٽ اڄياڻو شاخ جي منڍ جي ڳوٺاڻن ۽ زميندارن جو پاڻي نه ملڻ خلاف آبپاشي عملدارن پرائيوئيٽ ڪمپني خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري سندن خلاف سخت نعريبازي ڪئي.ان سلسلي ۾ حاجي قيصر جمالي وقار جمالي نظير حسين خاصخيلي ,اعجاز خاصخيلي، غلام رسول خاصخيلي ,عبدالستارجمالي ,علي احمد خاصخيلي سميت ڪيترن ڄڻن آبپاشي عملدارن ۽ نظير برادرس اينڊ ڪمپني خلاف الزام ھڻندي چيو ته اڄياڻو شاخ کي  15ڏينھن چئي ھڪ ميھني جي ٽائيم ۾ پڪو ڪيو ويو. ھوڏانھن مختلف جاين تان شاخ ۾ ٽيڪنيڪل فالٽ ڪري آبپاشي عملي سان ملي ڀڳت ڪري مُنڍ جي زمينن جي ليول کان 2 فوٽ شاخ کي ھيٺ ٺاھي  منڍ جي زمينن جي پاڻي تي راھانتو ھنيو ويو آھي،  اسان ايس ڊي او شھداد پور ۽ نظير اينڊ برادر ڪمپني کي صاف لفظن ۾ چئو ٿا ته اسان جي شاخ تي اسان جي ٽنھي واٽر تي جائز پاڻي پھچايو انگريزن جي دور کاان ھن شاخ ۾ 14 آر,ڊي وٽ فال بڻيل ھو اھوبه ٽوڙيو ويو آھي، ان کي واپس لڳائي ڏنو وڃي ۽ 6 آر,ڊي وٽ دڪا لڳائي پاڻي بحالي کي يقيني بنايو وڃي ٻي صورت ۾ اسان احتجاجن اڄياڻو شاخ جي دروازن تي پھچي شاخ کي مڪمل طور بند ڪري ڇڏينداسون يا شھدادپور آبپاشي عملي جي آفيس اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھندا سون.

Read Previous

جشن عيد ميلادالنبي صلي ﷲ عليه وسلم خاتم النبي ن جي سلسلي ۾ عبدالقدير گجر جي صدارت ۾ اي سي آفيس گڏجاڻي منقعد ڪئي وئي

Read Next

دين، وطن ۽ انسان،

Most Popular