نوازشريف پنڌرهن تاريخ تائين جيل ۾ هوندو: سڌ سماءَ جو وفاقي وزير

اسلام آباد: سڌ سسماءُ جي وفاقي وزير شبلي فراز دعويٰ ڪئي آهي ته نوازشريف جنوري جي 15 تاريخ تائين جيل ۾ هوندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز جو چوڻ هو ته هڪ طرف مريم چوي ٿي ڪراچي ۾ انڪوائري جي ضرورت ناهي ۽ ٻئي طرف چوي ٿي ته انڪوائري ٿي ته هوءَ پيش ٿيندي، مريم نواز متضاد ڳالهيون ڪيون.ڪوڙ ته هن جي گهٽي ۾ آهي. هن جو چوڻ هو ته هنن پنهنجي دور ۾ ڪهڙو چادر ۽ چوديواري جو تحفظ ڪيو، ماڊل ٽائون ۾ عورتن تي فائرنگ ڪئي وئي، بينظير ڀٽو جون تصويرون هيلي ڪاپٽر مان اڇلايون، ان وقت چار ديواري جو تقدس نه هو.؟ سڌ سماءَ جي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي اسان گرفتار نه ڪيو هو، سنڌ پوليس ڪيو هو، هو پاڻ مخلص ناهن ۽ سياست پيا کيڏن، سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو اهي ئي ذميوار آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪالهه جي فوٽيجز مان هنن جو ڪوڙ سامهون اچي ويو آهي، هنن ماڻهن جمهوريت کي ڪمزور ڪيو آهي، هو جڏهن حڪومت ۾ هوندا آهن ته ووٽ جي عزت کانئن وسري ويندي آهي. شبلي فراز جو چوڻ هو ته نوازشريف کي پاڪستان آڻينداسين، هن جي اصل جاءِ جيل آهي، نوازشريف 15 جنوري تائين پاڪستان جي جيل ۾ هوندو، عمران خان هن کي نه ڇڏيندو، پيسا واپس آڻينداسين ۽ هن کي سزا ڏيارينداسين.

Read Previous

سينيٽ ۾ آءِ جي سنڌ جي اغوا خلاف ٺهراءُ پيش

Read Next

ترڪ صدر طيب اردگان ڪيتري پگهار ٿو کڻي؟

Most Popular