سينيٽ ۾ آءِ جي سنڌ جي اغوا خلاف ٺهراءُ پيش

اسلام آباد: سينيٽ ۾ مخالف ڌر ڪراچي ۾ مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جي هوٽل ڪمري جو مبينا طور تي دروازو ٽوڙڻ، ڪيپٽن (ر) صفدر جي گرفتاري ۽ انسپڪٽر جنرل (آءِ جي) سنڌ جي مبينا جي اغوا جي جاچ لاءِ ايوان ڪميٽي بڻائڻ جو مطالبو ڪندي پيش پيش ڪري ڇڏيو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي واقعي جون حقيقتون سامهون آڻي ۽ ذميوارن کي ڳولهي. سينيٽ ۾ ايوان جي سربراهه ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته واقعي جي صوبائي حڪومت ۽ پاڪستان جي سپهه سالار جنرل قمر جاويد باجوه انڪوائري جو اعلان ڪيو آهي، ان ڪري انهن انڪوائريز جي رپورٽن جو انتظار ڪرڻ گهرجي. ايوان جي سربراهه چيو ته ايوان محترم آهي ان ڪري ايوان جي ذميواري به بڻجي ٿي ۽ جيستائين ڪا ڳالهه سامهون نٿي اچي رڳو تصورن تي ڪميٽي بڻائڻ سان پاسو ڪرڻ گهرجي جيئن ايوان جو تقدس برقرار رهي. شيري رحمان:پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان چيو ته هي سينيٽ، هائوس آف فيڊريشن آهي ۽ هي صوبن جو معاملو آهي ان ڪري ايوان جو استحقاق آهي ۽ ذميواري بڻجي ٿي ته سينيٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ جاچ جو ڪو رستو ڪڍي.  سندس چوڻ هو ته ان واقعي جي مذمت ڪيو ۽ ان تي هتي تفصيلي ڳالهه ڪئي وئي آهي ۽ ٽي وي وفاقي وزيرن جا بيان سامهون اچي رهيا آهن ته هو صوبي جي اعليٰ آفيسر ۽ گريڊ 22 جي آفيسر تي اهڙي طرح ڌاٻي ڌمڪي سان ايف آءِ آر ڪٽرائي رهيا آهن. هن چيو ته ان معاملي تي انويسٽي گيشن ٿيڻ گهرجي، سينيٽ جو پنهنجو ڪردار آهي ان ڪري کيس طاقتور بڻايو. رضا رباني: سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني چيو ته نهايت سنگين مسئلو آهي، جنهن جي ڪري سينيٽ يا پارليامان جي مداخلت ضروري آهي ۽ قائدن موجب ان معاملي تي سينيٽ ان معاملي کي ڏسي. هن چيو ته ان معاملي ۾ وفاقي حڪومت صوبي جي معاملن ۾ سڌي سنئين مداخلت ڪئي، ان سان صوبائي خودمختاري متاثر ٿي. سندس چوڻ هو ته آرمي چيف جاچ جو اعلان ڪيو جيڪا خوشي جي ڳالهه آهي پر اِها انڪوائري اداره جاتي آهي، هتي هڪ اداري ٻئي اداري جي قدمن خلاف احتجاج ڪيو آهي جيڪو رياست ۽ وفاق جو حصو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪوتم جي ترجمان جو 20 آڪٽوبر وارو بيان ڏسنداسين ته ائين لڳي ٿو ڄڻ مرڪزي حڪومت کي ان واقعي جي پهرين خبر هئي. فروغ نسيم:قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير فروغ نسيم مخالف رڌ کي جواب ڏيندي چيو ته سينيٽ جو استحقاق ۽ ڪردار آهي ان ڪري اسان کي اعتراض نه هوندو ۽ سچ سامهون اچڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن تي دٻاءُ هو ته اُهو غلط هو پر قائد اعظم جي مزار واري معاملي تي به ته ڪير ڳالهائي جو پوليس ايف آءِ آر ڇو نه ڪري رهي هئي يا دير ڪري رهي هئي، ان جو به پتو لڳايو ويندو.

Read Previous

استادن کان 25 سالن کان ورڌيڪ عرصو جو حق کسيل هئو اسان تمام ڊگهي جدوجهد کانپوءِ عدالتي حڪمن تي استادن کيبيلٽ پيپر جو حق ڏيارو آهي: پ ٽ الف

Read Next

نوازشريف پنڌرهن تاريخ تائين جيل ۾ هوندو: سڌ سماءَ جو وفاقي وزير

Most Popular