
زمبابوي: پاڪستان جي دوري لاءِ اعلانيل زمبابوي جي 2 رانديگرن ۽ سپورٽ اسٽاف جي ٻن ميمبرن جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچي وئي آهي. پاڪستان جي اعلانيل 25 رڪني ابتدائي اسڪواڊ ۾ ريگس چڪابوا ۽ ٽمي سين موروما به شامل هئا، جن کي پاڪستان جو سفر ڪرڻو هو پر کين پاڪستان ايندڙ 20 رڪني اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي. چڪابوا ۽ موروما براري جي زمبابوي ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ بائيو سيڪيور ببل ۾ هڪ ئي ڪمري اندر پئي رهيا ۽ ٻنهي جو ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچي ويو آهي. ان کانپوءِ جيڪي به رانديگر ساڻن رابطي ۾ آيا هئا انهن جي اسڪريننگ ۽ ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن جي نتيجي ۾ سپورٽ اسٽاف جي ٻن ميمبرن جي تيسٽ مثبت اچي وئي آهي، انهن چئن ئي ماڻهن کي قرنطينه ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.