پاڪستان جو پهريون نيٽ فلڪس طرز جو آن لائن وڊيو اسٽريمنگ پليٽ فارم لانچ لاءِ تيار

اسلام آباد: سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري خوشبري ٻڌائي آهي ته پاڪستان جو پهريون نيٽ فلڪس طرز جو ويزن لانچ ٿي رهيو آهي. فواد چوڌري ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ ٻڌايو آهي ته پاڪستان جو پهريون OTT لانچ ٿي رهيو آهي،(نيٽ فلڪس جي طرز تي) اسان ٽيڪنالوجي جو معملو حل ڪري ورتو آهي. فواد چوڌري پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پيمرا کي چيو آهي ته هو مواد تي گائيڊ لائن تيار ڪري، جيئن ئي پيمرا جي گائيڊ لائن ملي ٿي ته اسان پرائيوٽ ڪمپنين کي چونداسين ته اسان سان ملو ۽ OTT سروس شروع ڪيون. ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪيترائي واهپيدار آمريڪي آن لائن اسٽريمنگ سائٽ نيٽ فلڪس جو استعمال ڪندا آهن.

Read Previous

زمبابوي جي ٻن رانديگرن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچي ويا

Read Next

تڪرار حل ٿيڻ تائين ٻيٽن تي ترقياتي ڪم نه ٿيندو:اٽارني جنرل

Most Popular