تڪرار حل ٿيڻ تائين ٻيٽن تي ترقياتي ڪم نه ٿيندو:اٽارني جنرل

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ جي ٻيٽن جو انتظام وفاق حوالي ڪرڻ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ يقين ڏياريو ته جيستائين ٻيٽن جو تڪرار حل نٿو ٿئي تيستائين ان تي ڪو به ترقياتي ڪم شروع نه ٿيندو، مهاڻن ۽ مينگروز کي به ڪو نقصان نه ٿيندو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ٻيٽ سنڌ جي عوام جي ملڪيت آهن، آرڊيننس آخري فيصلو ناهي، ان ۾ ترميم به ٿي سگهي ٿي، وفاقي حڪومت صوبي ۾ مشاورت سان ئي ترقياتي ڪم شروع ڪندي، هي مسئلو درخواستن جي فيصلي سان حل نه ٿيندو. ان موقعي تي سنڌ جي اسسٽنٽ ايدووڪيٽ جنرل چيو ته سنڌ حڪومت سان ڪا به صلاح نه ڪئي وئي آهي، درخواست ڪندڙن جي وڪيل جبران ناصر موقف اختيار ڪيو ته ڪو به اهڙو اڏاوتي ڪم يا ترقياتي ڪم جيڪو مينگروز جي وڻن کي نقصان پهچائي اهو غيرقانوني آهي، مينگروز ختم ٿيڻ سان ڪراچي ۾ هيٽ ويو وڌي ويندي جڏهن ته ان سان سونامي جو به خطرو آهي، جيڪڏهن ٻيٽن تي ڪم ٿيندو ته وڻ وڍجي ويندا. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وڌيڪ دليل طلب ڪندي درخواستن جي ٻڌڻي 13 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. 

Read Previous

پاڪستان جو پهريون نيٽ فلڪس طرز جو آن لائن وڊيو اسٽريمنگ پليٽ فارم لانچ لاءِ تيار

Read Next

ڪوئٽيا، ڪراچي روڊ تي مسافر ڪوچ کي باهه لڳي وئي، پنج ڄڻا اجل جو شڪار

Most Popular