سجاول : بوائز هاءِ اسڪول جي هيڊماستر جي بدلي ٿيڻ خلاف شهري اتحاد جو احتجاج

سجاول:(عتيق الرحمان کتري)سجاول جي بوائز ھاء اسڪول سجاول جي ھيڊماستر اعظم عمراڻي جي بدلي ٿيڻ خلاف شھري اتحاد سجاول جي سڏ تي سجاول ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.ڊي او ايجوڪيشن،ڊپٽي ڊي او خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.سندس بدلي کي روڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.شھري
خبرموجب:سجاول جي بوائز ھاء اسڪول جي ھيڊماستر اعظم عمراڻي ۽ ڊي او ايجوڪيشن سجاول جا اختلاف سامھون اچڻ کانپوء سندس بدلي ڪرڻ واري عمل خلاف شھري اتحاد سجاول پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.جنھن ۾ شھري اتحاد جي صدر اڪرم ميمڻ،منير احمد،جي يو آئي جي اشرف ميمڻ،پ پ ش ڀ جي يونس ڀان،ھنڌوپنچائت جي ڊاڪٽر ھوتچند،پ ٽ الف جي عمر ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سجاول ھاء اسڪول جي ھيڊماستر جي بدلي ڊي او ايجوڪيشن جي گنڊاگردي آھي.اعظم عمراڻي نوڪري نه ڪرڻ تي پٽيوالي کان پڇاڻو ڪيو ۽ اسڪول جي عمارت تي قبضو ڪرڻ نه ڏنو جنھن سبب سندس بدلي ڪئي وئي.ھنن چيو ته سنڌ ۾ پھرين تعليم پٺ تي پيل آھي.جيڪي سٺا استاد اچن ٿا ته انھن جي ڪرائي ٿي وڃي.اعظم عمراڻي سجاول جي بوائز ھاء اسڪول کي چار چنڊ لڳايا ھئا.ان جي بدلي وارو عمل غلط آھي.جنھن جي مذمت ڪريون ٿا.ھنن چيو ته ھڪ ھفتي اندڙ سندس بدلي روڪي نه وئي ته سجاول ۾ ڊي او سجاول خلاف ڌرڻو ھنيو ويندو.

Read Previous

عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي: حنيد لاکاڻي

Read Next

مورو: قومي شاهراهه ٽينڪر گاڏي مان اوچتو ٽائر نڪرڻ سبب نوجوان فوت

Most Popular