عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي: حنيد لاکاڻي

ڪراچي : سربراهه بيت المال سنڌ ۽ پي ٽي آئي اڳواڻ حنيد لاکاڻي چيو آهي ته مهنگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي. جلد کائڻ پئڻ جي شئن کي سستو ڪيو ويندو جئين عوام کي رليف ملي سگهي. اپوزيشن جو هڪ گروپ آهي جيڪو شئيون غائب ڪري بحران پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قانوني مدد سان منافي خورن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. اهرڻ خيالن جو اظهار حنيد لاکاڻي سيڪريٽريٽ مان جاري ڪندڙ بيان ۾ ڪيو. حنيد لاکاڻي چيو ته اٽي جي هٿرادو بحران پٺيان منافي خورن ۽ اپوزيشن معافيا جو هٿ آهي. حنيد لاکاڻي چيو ته اٽي جي قيمتن ۾ سستائي عوام لاءِ وڏي خوشخبري آهي. حڪومت عام واهپي جي قيمتن ۾ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميا جي مدد وٺي رهي آهي. هن چيو ته ذخيرا اندوزي ۽ منافي خور عوام جو خون پي رهيا آهن جن کي حڪومت منافي خورڻ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪورونا سبب سموري دنيا ۾ مهنگائي ٿي ۽ سموري دنيا پريشاني کي منهن ڏنو. حنيد لاکاڻي وڌيڪ چيو ته بين الاقومي طرز معيار جي زندگي ۽ سهولتون عام ماڻهو کي فراهم ڪرڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پهرين ترجي ۾ شامل آهي. وزيراعظم عمران خان جي اميد آهي ته پاڪستان کي دنيا جو عظيم ملڪ بڻائي مثال قائم ڪيو وڃي

Read Previous

راڌڻ : پلاٽ جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي

Read Next

سجاول : بوائز هاءِ اسڪول جي هيڊماستر جي بدلي ٿيڻ خلاف شهري اتحاد جو احتجاج

Most Popular