ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن وفاق انهن تي قبضو نه ٿو ڪري سگهي، وفاقي حڪومت ٻيٽن بابت پاس ڪرايل غيرآئيني آرڊيننس فوري طور واپس وٺي: سيد مراد علي شاهه

سکر: :(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن وفاق انهن تي قبضو نه ٿو ڪري سگهي، وفاقي حڪومت ٻيٽن بابت پاس ڪرايل غيرآئيني آرڊيننس فوري طور واپس وٺي، آرڊيننس جي واپسيءَ تائين خاموشيءَ سان ويهنداسين. سکر ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندي وزيراعليٰ سنڌ چيو ته آئين ۽ قانون سپريم آهن، احتساب کان نٿا گهٻرايون، وفاقي حڪومت قومي اسيمبلي ۽ آئون وزيراعليٰ جي حيثيت ۾ سنڌ اسيمبليءَ ذريعي صوبي جي عوام آڏو جوابده آهيان. هن چيو ته آرڊيننس پبلڪ پراپرٽي هوندو آهي، ٻيٽن بابت صدارتي آرڊيننس مهيني تائين ڳجهو رکيو ويو، آرڊيننس تي صدر 29 تاريخ تي صحيح ڪئي هئي. وزيراعليٰ سنڌ چيو ته موجوده رول آف لا جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي، گرفتاريون پهريان ۽ ڪيس بعد ۾ ٺاهيا وڃن ٿا، سيد خورشيد احمد شاهه هڪ سال کان گرفتار آهي پر سندس خلاف اڃا تائين ڪيس ناهي ٺهيو. اسان نه پهريان ڊنا آهيون نه ڊڄندا سين، ڪوڙا کاڌا پر نه ڊناسون، پيپلزپارٽي جي باني ملڪ کي آئين ڏنو، پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شروع ۾ ئي آرڊيننس جي مذمت ڪئي ۽ اسان آرڊيننس ڏسڻ بعد فوري طور ان جي واپسي لاءِ وفاق کي خط لکيو سين. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت اجلاسن ۾ گهرائڻ ڇڏي ڏنو آهي، وفاق صوبن کي بيوروڪريسي ذريعي ڪنٽرول ڪرڻ گهري ٿو. وزيراعليٰ سنڌ چيو ته ٻيٽن بابت آرڊيننس جي واپسي تائين خاموش نه ويهنداسين، 12 ناٽيڪل ميل تائين سمنڊ اندر ۽ ٻاهر نڪرندڙ ذخيرا سنڌ جي ملڪيت آهن. هن وڪيل برادري کي مخاطب ٿيندي چيو ته اهو نٿو چوان ته پيپلزپارٽي سان گڏ بيهو، پر آئين ۽ قانون جي بالادستيءَ لاءِ ساٿ ڏيو. وڏي وزير چيو ته اسان وڪيلن کي سوسائٽي لاءِ ايراضي ڏينداسين پر عدالتي فيصلي سبب رُڪيل آهيون. هن چيو ته هر ادارو پنهنجي حد ۾ رهي ته مسئلا نه ٿيندا. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ وسيلا گهرجن، 85 سيڪڙو وسيلا وفاق کان صوبن کي ملندا آهن، گذريل ٻن سالن کان هڪ پئسو سنڌ کي وڌيڪ ناهي ڏنو ويو، گذريل سال 125 بلين سنڌ کي گهٽ ڏنا ويا، هن وقت 25 بلين رپيا گهٽ ڏنا ويا آهن، مون هميشه وفاقي حڪومت سان سهڪار سان ڪم ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي دور ۾ کنڊ، ڪڻڪ ۽ پيٽرول ناياب ٿي ويا آهن، حڪومت پيٽرول اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي ته ناياب ۽ اگهه وڌايو ته دستياب ٿي ويو، هڪ وزير چوي ٿو ته 7 لک ٽن ڪڻڪ ڪيڏهان گم ٿي وئي، وفاقي حڪومت کي پاڻ غور ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن ذخيره اندوزي ڪئي يا اسمگلنگ ڪئي. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري پنهنجي دور ۾ ڪڏهن به نيب قانون کي استعمال نه ڪيو، ن ليگ حڪومت ٻن سالن تائين ٺيڪ هئي بعد ۾ انهن به نيب قانون جو استعمال شروع ڪيو، ڪهڙو ڊيموڪريٽ نيب قانون جي حمايت ڪندو. ان کان اڳ بار کي بيريسٽر مرتضيٰ وهاب، ضياءُ الحسن لنجار، قربان ملاڻو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته تقريب ۾ مختلف پارٽي اڳواڻ ۽ وزير نثار احمد کهڙو، سيد اويس قادر شاهه، شبير احمد بجاراڻي، ايم پي اي منور وساڻ، ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر، ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

Read Previous

ڀرياسٽي ۾ مادر جمھوريت بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ڀنڀرا ھائوس تي قرآن خواني ۽ ورسي تقريب ٿي گذري

Read Next

ڳوٺ پير نالي وڏو ۾ درگاھ حضرت پير سائين غلام مرتضيٰ شاھ تي جشن عيد ميلادالنبي صلي ﷲ عليه وسلم نهايت عقيدت و احترام سان ملهايو پيو

Most Popular