اميدوار ميمبر سنڌ بار ڪائونسل سانگھڙ سيٽ. ايڊووڪيٽ نند ڪمار گوڪلاڻي صاحب سانگھڙ بار ۾ پنھنجي وڪيل دوستن سان اليڪشن مھم دوران گفتگو ۽ مشوره ڪندي

سانگهڙ (رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) اميدوار ميمبر سنڌ بار ڪائونسل سانگھڙ سيٽ. ايڊووڪيٽ نند ڪمار گوڪلاڻي صاحب  سانگھڙ بار ۾ پنھنجي وڪيل دوستن سان اليڪشن مھم  دوران گفتگو ۽ مشوره ڪندي۔ ان موقعي تي سينيئرايڊووڪيٽ نندڪمار گوڪلاڻي  چيو ته سانگھڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ مٺي  بار جي تمام دوستن جي مھربانين سان ڪامياب ٿي پنھنجي وڪيل برادري جا مسئلا اڳ جيان حل ڪرائڻ لاء جدو جھد ڪندو ر ھندس۔  اسان وڪيل سڀ ڀائر آھيون،  ھن چيو ته آئون  سانگھڙ بار جي دوستن جو انتھائي شڪر گذار آھيان جن اڳ به سانگھڙ بار جو ٽي ڀيرا مون کي صدر منتخب ڪيو ۽ دوستن جي دل سان خدمت ڪئي آھي  ۽ ھاڻ به دوستن جي تعاون سان ڪامياب ٿي  خدمت ڪندو رھندس۔ ھن چيو ته آئون ھمشه پنھنجي سينيئر وڪيل جي عزت  ڪندو آھيان  ۽ مون کي اميد آھي ته منھنجي سانگھڙ بار سميت مٿي ڄايل بار جا تمام وڪيل برادري منھنجي مڪمل سپوٽ سان گڏ مون کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائيندا آئون انھن جو نھايت ئي ٿورائتو رھندس۔

Read Previous

قاضي احمد علمدار چوڪ باء پاس تيز رفتار ڪار کي ڪراچي کان پنجاپ ويندڙ آئل ٽينڪر جو زوردار ٽڪر

Read Next

دادو: ڳوٺ جڙيل ڀنڊ جي رهواسي پوليس اهلڪار زيادتين خلاف احتجاج ڪندي

Most Popular