دادو: ڳوٺ جڙيل ڀنڊ جي رهواسي پوليس اهلڪار زيادتين خلاف احتجاج ڪندي

دادو(ڊر) تعلقي دادو ۾ واقع ڳوٺ جڙيل ڀنڊ جي رهواسي مقامي آبادگارن معشوق ڀنڊ،گلزار ڀنڊ،نثار احمد ڀنڊ،محمد رمضاب ڀنڊ،حاجن ڀنڊ ۽ٻين دادو پريس ڪلب پهچي 2 پوليس اهلڪارن جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي مقامي آبادگارن الزام هڻندي چيو ته ديهه ڀنڊ سروي نمبر 643 ۽ 664  ۾ اسان جي  8 ايڪڙ ذرعي زمين آهي زمين تي هٿيار بند پوليس اهلڪار بشير ڀنڊ،نظير ڀنڊ پنهنجن مائٽن وحيد ڀنڊ،امير ڀنڊ سميت 40 هٿيار بند ساڻ ڪري اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهن فائرنگ پڻ ڪئي جنهن ڪري علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو هنن چيو ته مزڪوره زمين جيڪا اسان جي کاتي ۽ رڪارڊ موجب اسان جي ملڪيت آهي ان تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي متاثر ابادگارن وڌيڪ چيو ته پوليس اهلڪار بشير ڀنڊ ۽ نظير ڀنڊ ۽ سندن ساٿين اسان تي  حملو ڪيوخداآباد ٿاڻي تي اسان کان فرياد به نه ورتو ويو هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف آف آرمي اسٽاف، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدراآباد، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته انهن بااثر پوليس اهلڪارن ۽ ملوث سندن ساٿين خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Read Previous

اميدوار ميمبر سنڌ بار ڪائونسل سانگھڙ سيٽ. ايڊووڪيٽ نند ڪمار گوڪلاڻي صاحب سانگھڙ بار ۾ پنھنجي وڪيل دوستن سان اليڪشن مھم دوران گفتگو ۽ مشوره ڪندي

Read Next

ڪشمور سنڌ پنجاب بارڊر ديرا موڙ چيڪ پوسٽ پوليس جو خاص زريعو ھزارين ٽن ڪڻڪ ۽ ايراني ڊيزل غيرقانوني طرح اسملنگ ٿيڻ جو انڪشاف

Most Popular