فرانسيسي صدر ڄاڻي واڻي مسلمانن جا جذبا مجروح ڪيا آهن: وزيراعظم

عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان فرانسيسي صدر کي اسلام مخالف بيان ڏيڻ تي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته فرانسيسي صدر اسلام مخالف بيان ڏئي دنيا جي سمورن مسلمانن جا جذبا مجروح ڪيا آهن. وزيراعظم عمران خان سوشل ميڊيا تي جاري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته وڏي اڳواڻ جي سڃاڻپ هوندي آهي ته هو ماڻهن کي متحد ڪري جيئن نيلسن منڊيلا ڪيو.  هن چيو ته هي وقت هو ته فرانس جو صدر ايمانويل ميڪرون قوم کي ورهائڻ بجاءِ اتنهاپسندي کي روڪي ها، ڇو ته ورهاست ئي بنياد پرستي جو سبب ٿيندي آهي. عمران خان چيو ته اها تمام گهڻي بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته فرانسيسي صدر پاران گستاخيءَ وارن خاڪن کي ڇاپيندڙ دهشتگرد چاهي اهي مسلمان هجن گورا نسل پرست نازي جو نظريو رکندڙ هجن جي بجاءِ اسلام ۽ پيغمبر حضرت محمد صلي الله عليه السلام کي نشانو بڻايو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته فرانسيسي صدر اسلام کي سمجهڻ کانسواءِ نشانو بڻائي صرف يورپ نه پر پوري دنيا جي مسلمانن جا جذبا مجروح ڪيا ۽ جهالت تي مشتمل بيان،نفرت، اسلاموفوبيا، انتهاپسندي کي وڌائيندا.  

Read Previous

نيوسعيدآباد جي تايخ ۾ پهريون ڀيرو شھر جا روڊ رستا ڌوتا ويا, ربيع الاول جي مبارڪ مهيني ۾ گهٽين،روڊن ۽ وارڊن ۾ صفائي جو خاص بندو بست ڪيو ويو آھي

Read Next

ڪوئٽا ۾ بم ڌماڪو، ٻه ماڻهو اجل جو شڪار، ڏهه ڄڻا زخمي

Most Popular