نيوسعيدآباد جي تايخ ۾ پهريون ڀيرو شھر جا روڊ رستا ڌوتا ويا, ربيع الاول جي مبارڪ مهيني ۾ گهٽين،روڊن ۽ وارڊن ۾ صفائي جو خاص بندو بست ڪيو ويو آھي

نيوسعيدآباد  )رپورٽ:جبار عمراڻي ( نيوسعيدآباد جي تايخ ۾ پهريون ڀيرو شھر جا روڊ رستا ڌوتا ويا.اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪميٽي نيوسعيدآباد زاهد جوڻيجو ۽ ٽائون آفيسر لياقت علي ڀٽي پاران جاري ڪيل هدايتن تي اننهن جي نگراني ۾ نيوسعيدآباد جي تايخ ۾ پهريون ڀيرو رات جي وقت سڄي شھر جي مين روڊ،گهٽين ۽ وارڊن ۾ هنگامي بنيادن تي صفائي عملي کان صفائي ڪرائي فائر برگيڊ جي گاڏين وسيلي فنائل اسپري ڪري روڊن رستن کي باقائدگي سان ڌياريو ويو.ان موقعي تي اي سي ايڊمنسٽريٽر زاهد جوڻيجو ۽ ٽي او لياقت ڀٽي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت صفائي ايمان جو حصو آھي ، ربيع الاول جي مبارڪ مهيني ۾ گهٽين،روڊن ۽ وارڊن ۾ صفائي جو خاص بندو بست ڪيو ويو آھي.هنن شھرين کي تعاون جي اپيل ڪئي.ٻئي طرف شھر سماجي ڪارڪنن عبدالواحد عمراڻي،امتياز ميمڻ،محبوب ڪاڪا،اسد الله ميمڻ،وقار لاکو،ياسين ڪيريو،امان گل ميمڻ،نظير سولنگي، سترام داس،سڪندر سمون،عبدالجبار عمراڻي ۽ ٻين ٽائون ڪميٽي انتظاميا پاران صفائي جي عمل کي ساراهيندي انتظاميا کي مڪمل سهڪار جي يقين ڏياريو.      

Read Previous

ڳوٺ مغري جو ڊڙو ۾ گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪيترائي زخمي

Read Next

فرانسيسي صدر ڄاڻي واڻي مسلمانن جا جذبا مجروح ڪيا آهن: وزيراعظم

Most Popular