عمران خان هر اليڪشن کان اڳ نئين ڪوڙ سان ٿو اچي: بلاول ڀٽو

گلگت بلتستان  پاڪستان پيپلزپارتي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان هر واعدي تي يوٽرن ورتو ۽ هر اليڪشن کان اڳ هو هڪ نئين ڪوڙ سان ٿو اچي. گلگت بلتستان جي ضلعي گانچي ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي 2018 جي منشور ۾ گلگت بلتستان لاءِ صوبي جو لالي پاپ تيار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڏکڻ پنجاب کان پڇو عمران خان اليڪشن کان پهريان انهن کي به صوبي جو لالي پاپ ڏنو هو. هن جو وڌيڪ چيو هو ته هيءَ تبديلي نه پر تباهي آهي ۽ اسان کي گلگت بلتستان جي نوجوانن کي ان تباهي کان بچائڻو آهي.

Read Previous

عالمي امن لاءِ پاڪستاني پيس ڪيپرز پنهنجي زندگين جي قرباني ڏني آهي:پاڪ فوج جو ترجمان

Read Next

ڀارتي گلوڪاره نيها ڪَڪڙ شادي ڪري ڇڏي

Most Popular