عالمي امن لاءِ پاڪستاني پيس ڪيپرز پنهنجي زندگين جي قرباني ڏني آهي:پاڪ فوج جو ترجمان

اسلام آباد: گڏيل قومن جي امن مشنز پاڪستان سڀ کان وڏو حصيدار آهي، هٿياربند فوج پاران گڏيل قومن کي 75 هين يوم تاسيس جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل افتخار گڏيل قومن جي يوم تاسيس جي موقعي تي چيو آهي ته پاڪستان 28 ملڪن اندر 26 گڏيل قومن 46 گڏيل امن مشنز ۾ حصو وٺي چڪو آهي، 158 پاڪستاني پيس ڪيپرز عالمي امن لاءِ پنهنجي زندگين جو نذرانو پيش ڪيو 2 لک پاڪستاني فوجي گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ حصو وٺي چڪا آهن. هن چيو ته گڏيل قومن جي امن مشن ۾ پاڪستاني فوج جي خدمتن جي ڊگهي تاريخ آهي، پاڪستان 30 سيپٽمبر 1947 تي يو اين او امن مشن ۾ شموليت اختيار ڪئي، پاڪستاني امن مشن جي شروعات ڪانگو ۾ پهريون دستو موڪلي ڪئي، ان وقت نائيڪ شهيد محمد نعيم رضا کي گڏيل قومن جو خاص ميڊل عطا ڪيو ويو، پاڪستاني عورتون به گڏيل قومن جي امن مشن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.

Read Previous

ڪوئٽا ۾ بم ڌماڪو، ٻه ماڻهو اجل جو شڪار، ڏهه ڄڻا زخمي

Read Next

عمران خان هر اليڪشن کان اڳ نئين ڪوڙ سان ٿو اچي: بلاول ڀٽو

Most Popular