قانون کي گهربل عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن: شبلي فراز

اسلام آباد:  وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته قانون کي گهربل اڳواڻ عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن. رپورٽ موجب شبلي فراز سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي لکيو آهي ته ڪجهه سياسي پارٽيون عوام کي ادارن جي خلاف ڀڙڪائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته ادارا ڪنهن به ملڪ جي بقا ۽ سلامتي جي بنياد جي حيثيت رکندا آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ان  عناصرن جي اڳيان  نه اڳ سر جهڪايو ۽ نه ئي وري هاڻ جهڪائيندو.

Read Previous

آرمي چيف قمر جاويد باجوه سان تُرڪ دفاع واري وزير جي ملاقات

Read Next

پاڪستان افغانستان جي هر حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي: وزيراعظم

Most Popular