آرمي چيف قمر جاويد باجوه سان تُرڪ دفاع واري وزير جي ملاقات

راولپنڊي:  آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ترڪي جي بچاءُ واري وزير جنرل ريٽائرڊ هولسي اقر جي ملاقات ٿي آهي. آءِ ايس پي آر طرفان چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ بطرفن لاڳاپن ۽ فوجي تعاون وڌائڻ بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف ۽ ترڪ وزير دفاع خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون.  ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ م ثقافتي ۽ ڀائرن وارن لاڳاپن کي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملاقات جي دوران چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ تاريخي ڀائرن وارا لاڳاپا آهن جيڪي  هاڻ وڌيڪ پڪا ٿيندا پيا وڃن. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سان ملاقات دوران ترڪ وزير  دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين جو اعتراف به ڪيو. واضح رهي ته ترڪ وزير دفاع چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل نديم رضا سان به ملاقات ڪئي. جنرل ريٽائرڊ هولسي اقر پاڪ فوج جي پيشواراڻي معاملن جي به تعريف ڪئي.

Read Previous

ڪيپٽن (ر) صفدر سميت ٽيهه جوابدارن جون عبوري ضمانتون منظور

Read Next

قانون کي گهربل عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن: شبلي فراز

Most Popular