وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻيءَ ۾ قائم وفاقي حڪومت جي ڪوششن سان ڪرپشن جو خاتمو ڪيو ويو آھي : صدر عارف علوي

سکر (رپورٽ .امداد علي گل ڪلوڙ ) صدر مملڪت پاڪستان ڊاڪٽر عارف علويءَ چيو آھي تہ وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻيءَ ۾ قائم وفاقي حڪومت جي ڪوششن سان ڪرپشن جو خاتمو ڪيو ويو آھي ۽ ملڪ کي بحاليءَ واري راھ تي گامزن ڪندي معيشت کي سڌارڻ تي ڪم ڪيو پيو وڃي. صدر مملڪت اھي ڳالھيون سومر ڏھاڙي سرڪٽ ھائوس سکر ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي اڳواڻن تي ٻڌل وفدن سان ملاقات دوران ڪيون. ان موقعي تي گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جا ايم  پي ايز شھريار خان شر۔خرم شيرزمان۔  سکر ريجن جو صدر محمد اسلم ابڙو ۔سيد طاهر حسين شاه ۔ڊاڪٽرربنواز ڪلوڙ۔محمدايوب فاروقي ۔ عبدالجبار جتوئي ۽ ٻيا به موجود ھئا. وفدن سان ڳالھيون ڪندي صدر مملڪت چيو تہ زرعي شعبي کي ھٿي وٺرائڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي اوليتن ۾ شامل آھي ۽ زرعي شعبي کي سگھارو ڪرڻ خاطر حڪومت ھارين کي پاڻڀرو ڪرڻ جي ڏس ۾ سمورا ممڪن قدم کڻندي رھندي. جڏھن تہ حڪومت پاران ملڪ جي 14.9 ملين ماڻھن کي احساس پروگرام تحت 12 ھزار روپيا ادا ڪندي رھي ٿي. ان موقعي تي صدر مملڪت عارف علويءَ ڪرونا وبا تي ضابطو قائم رکڻ جي سلسلي ۾ وفاقي حڪومت جي ڪوششن جي ساراھ ڪندي چيو تہ بيماريءَ جي ڦھلاوَ وارن شروعاتي ڏينھن ۾ تمام گھڻو خوف ڦھليل ھو تہ بيماريءَ سبب گھڻا ماڻھو اجل جو شڪار ٿيندا پر حڪومت ان خوف تي ضابطو آندو اھڙي ڪامياب حڪمت عملي اختيار ڪئي جنھن جو اعتراف جاپان ۽ فلپائن جي اختيارن ڪيو تہ اسانجو ڪنڌ فخر مان اوچو ٿيو. ان معاملي تي صدر مملڪت اھو پڻ چيو تہ ڪرونا وبا جي حوالي کان بھتر حڪمت عملي لاڳو ڪرڻ جي سلسلي ۾ وزيراعظم عمران خان، اين سي او سي، علامن، ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪل عملي جو بھترين ڪردار رھيو آھي. ان موقعي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن پنھنجي مقامي معاملن بابت صدر مملڪت کي ڄاڻ ڏني. جنھن بعد صدر مملڪت طرفان گورن سنڌ کي ھدايت ڪئي وئي تہ اھڙو طريقو اختيار ڪيو وڃي جو پاڪستان تحريڪ انصاف جي عھديدارن جا معاملا حل ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطو قائم رھي ۽ عوام جا ڪم ترجيحي بنيادن تي ٿيندا رهندا .

Read Previous

فرانسيسي صدر جو اسلام مخالف بيان: ايران، قطر ۽ او آءِ سي پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار

Read Next

سانگهڙ جي ڍڪ پاڙي ۾ گٽر نالو صاف ڪندي صفائي عملي جا 2 ملازم فوت

Most Popular