سجاول جي گودامن ۾ ڪڻڪ ذخيرو ٿيڻ جو انڪشاف ھڪ سال کان ڪڻڪ گودامن ۾ پئي خراب ٿيڻ لڳي

سجاول:(عتيق الرحمان کتري)سجاول جي گودامن ۾ ڪڻڪ ذخيرو ٿيڻ جو انڪشاف ھڪ سال کان ڪڻڪ گودامن ۾ پئي خراب ٿيڻ لڳي.گودام جا دروازا پلستر ڪرائي سيل ڪيا ويا.ٻاھر کلي آسمان ۾ پيل ڪڻڪ سڙڻ لڳي.انتظاميه ڪوبه قدم نه کنيو. خبرموجب:سجاول شھر ۾ قائم سرڪاري ڪڻڪ جي گودامن ۾ گذڙيل سال جي ڪڻڪ پڻ ذخيرو ٿيڻ لڳي.گذڙيل سال ورتل ڪڻڪ اتان کان اڃا تائين مل وارن کي نه ملي سگھي .گودام جي ٻاھران کلي آسمان ۾ پيل ڪروڙن جي ڪڻڪ برسات ۽ سج جي تپش ڪري سڙڻ لڳي آھي.گذڙيل برساتون پوڻ سبب لکين روپين جي ڪڻڪ سڙي وئي ھئي.پر انتظاميه طرفان ڪوبه قدم نه کنيو ويو آھي.فوڊانسپيڪٽر پاران ھڪ سال کان ڪڻڪ جو ذخيرو سجاول ۾ ڪريو ويٺو آھي.پاڻ ضلعي مان ڪڻڪ کڻي مل مالڪن کي ڏئي رھيو آھي پر سجاول ضلعي جي ڪروڙن جي پيل ڪڻڪ سڙي رھي آھي.فوڊانسپيڪٽر پاران گودامن جي دروازن کي پڪو پلستر ڪرائي گودام پڻ سيل ڪرائي ڇڏيو آھي.سجاول ضلعي جي ماڻھن حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته سجاول جي گودامن ۾ پيل ڪڻڪ ڪڍائي مل وارن کي ڏني وڃي جنھن سبب اٽي جي اگه ۾ گھٽتائي اچي سگھي. سجاول(ڊر)سجاول جي تعلقه اسپتال ۾ نجي دوائن جي ڪمپني جا ماڻھو ڊاڪٽرن کان پنھنجي ڪمپني جون دوائون لکائڻ جو انڪشاف ٿي ويو.سرڪاري اسپتال جا ڊاڪٽر نجي ڪمپني جو دوائون لکي کين ٻاھران اسٽورن تان خريد ڪرڻ جو چوندا آھن.مريض خبرموجب:سجاول ضلعي جي سرڪاري اسپتالن ۾ نجي دوائن جي ڪمپني جون دوائون شاڪٽر لکڻ لڳا.نجي ڪمپني جي ماڻھن پاران تعلقه اسپتال سجاول جو دورو ڪري ڊاڪٽرن سان ملاقات ڪري سندن ڪمپني جون دوائون لکڻ تي زور ڀريو ويو.ڊاڪٽر نجي دوائن جي ڪمپني جون دوائون لکڻ لڳا.مريضن کي دوائون ٻاھران وٺي اچڻ تي زور ڏنو ويو.ذريعن ٻڌايو ته سرڪاري اسپتال ۾ ھن وقت نجي دوائن جي ڪمپني وارا اچي ڊاڪٽرن سان ڏيتي ليتي ڪري سندس ڪمپني جون دوائون لکڻ جو زور ڏنو آھي.جھڙي رشوت کانپوء ڊاڪٽرن پاران سندس ڪمپني جون دوائون لکڻ جي ڊاڪٽرن پاران حامي پڻ ڀري وئي آھي.تعلقه اسپتال سجاول جي ڀرسان سرڪاري ۽ نجي ڪمپني جون دوائون پڻ وڪرو ڪيو وڃن ٿيون.ڊاڪٽرن پاران اسٽور مالڪن کي لسٽ ڏني وڃي ٿي ته ھي دوائون اسٽور تي رکو اسان ھاڻ ھي دوائون مريضن کي لکي ڏينداسين.ذريعن اھو پڻ ٻڌايو ته تعلقه اسپتال سجاول ۾ مريضن کي ٻن قسمن جي دوائن جي پرچي ڏني وڃي ٿي ھڪ اسپتال جي اندڙ سرڪاري دوائن لاء جن ۾ ھڪ کان ٻه دوائون لکل ھونديون آھن.ھڪ پرچي ھزارن روپين جي پرچي جيڪا اسپتال ڀرسان اسٽور تان خريد ڪري ٻيھر اھي دوائون ڊاڪٽرن کي ڏيکاريون وڃن ٿيون.سجاول جي شھرين پاران وزيرصحت کان مطالبو ڪيو آھي ته سجاول ضلعي جي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن پاران نجي ڪمپني جون دوائون لکڻ واري عمل کي بند ڪيو وڃي.ڊاڪٽرن پاران نجي دوائون لکڻ ڪري غريب مريض سخت پريشان ٿين ٿا جيڪڏھن نوٽس نه ورتو ويو ته احتجاج ڪيو ويو ويندو.

Read Previous

پاڪستان ۾ ڊسمبر ٻه هزار ايڪيهه تائين فائيو جي انٽرنيٽ سروس شروع ٿيڻ جو امڪان

Read Next

سجاول جي تعلقه اسپتال ۾ مرف اين جي اوز پاران ننڊڙن ٻارڙن جي وارڊ لاء بهترين قدم کڻي ڇڏيو

Most Popular