مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙيواندا مل! پالھي مل کي نياز چئجانءِ/ پيرن تي ھٿ رکجانءِ

.سيد غلام حيدر شاهه قلندي

هن وقت ھڪ وڏي لائين لڳل آھي فالتو ۽ فضول وقت کي وڃائڻ لاءِ نت نوان فارمولا تلاش ڪيا ٿا وڃن، اھڙي ريت مثلاً ويچارا واندا ختما ۽ خيراتون ڳولڻ ۽ کائڻ جا شوقين، وڏي ھوشياري سان پنهنجا پنهنجا ايجنٽ مقرر ڪري ڇڏيندا آھن، شل ڪٿي ڪا سٻڙاٽ پئجي وڃي جانو جھل ڪتي کي اسان تنھنجا مھمان، جيڪڏھن ڪنھن صلاح ھنئي تڏھن به چڱو، نه ڪئي خير، ڳراٽڙيون پائي مفت ۾ ڀاڪرين اچي بس جھڙا وڏا سڄڻ، ويچارا سامھون پنهنجي تڏي تي ڇا چون ڪنڌ ھيٺ ڪري چپ رھن، وري ڦوڪون ۽ نخرا به ڪمال جا ظاھري ويس ۽ لباس اٻوجھن کي لوڙھيو ڇڏي، خبر تڏھن پوي جڏھن ڪو ڳالھين ۾ اچي ڪنهن جو ڪم ڦاسي ھمراھ لڀي نه سگھي، رابطو ائين ختم ڄڻ ٽشو پيپر اڇلجي ويو، دعوتن ۽ خيراتن لاءِ الڳ الڳ جوڙا ۽ واس ڪوٽيون سبرائي تيار ڪيل ھمراھ ھر فيلڊ ۾ نڪريو پون، پھچڻ جا ماھر ڪڏھن ڦٻجيو وڃن جي نه تڏھن به نڪ چپ جو خير آھي، ڪا ڳالهه ناهي، وري ٻيو در ڏسبو، هاڻي ته وري خالي جايون ڏسي من ڪو ڪٿي ڏس پوي سڃاڻ اھڙي ڪڍرائين ڄڻ پينھگي کان سڄاڻن، دايون به ھي ھجن، ويچاري امڙ رکو پيٽ ۾ کنيو ھجي، باقي سڄو ڪم ھن سنگت تي فرض ھو، ڪٿي ڪو ھٿ ملائي ته صحيح، ڪڏھن ڪڏھن ڦٻيو وڃن، شل ڪا گھٽي ملي ھٿ ڌوتل ۽ چھرا لٿل پرائي ڪاڄ ۾ ڌڻي ٿيو وڃن، خريدار به مفت جا ھڪ ٻہ چيلا ڳوليو لڀن، ھاڻي وري اھڙي تنقيد ڪرڻ نڪريو پون من ڪو نالو ٿئي، مارڪيٽ ۾ سٺڙي کان فيس لڳي پوي، اھڙن جي اڳيان جن کي اھڙن واٺن جي ھميشه ضرورت پوندي آھي، خوامخواه ڪو اھڙو موضوع ڇيڙجي جنھن جي پويان ڪا شرارت ۽ نفرت جنم وٺي، مارڪيٽ ۾ ڪا نئي براڊڪٽ اچي ويئي آهي، ڀلي گھٽ قيمت ۾ ئي ڪو کڻي، سمجھ ڪونھي تہ اھڙا پراڊڪٽ کپائڻ وارا پنهنجي نفرتن جي ڇڏيل باھ ۾ پاڻ سڙي رک ٿي ويا، نه ڪو پراڊڪٽ بچيو نه ڪا بازار نفرت جي، وري بہ فاتح جي سوکڙي محبتن جي حصي ۾ آئي، نفرتن کي گھٽ جٽاء ملندو آھي، ضرور ٿورڙي وقت تائين زهريلي وبا پکڙبي آھي، وري بہ محبتن وارا اھڙا اچيو اسپري ڪن ٿا نه ڪا وبا رھي ٿي، نه وري وبا ڦھلائڻ وارا، ھن وقت به اھڙن واندن يارڙن کي اسان جا نياز چئجو ھٿ پيرن تي رکي عزت پھچائڻ لاءِ بس مٺيون ڀيڙي ڀڄو.

Read Previous

سجاول جي تعلقه اسپتال ۾ مرف اين جي اوز پاران ننڊڙن ٻارڙن جي وارڊ لاء بهترين قدم کڻي ڇڏيو

Read Next

گستاخ خاڪن جي اشاعت تي پاڪستان جو سخت احتجاج، فرانسيسي سفير پرڏيهي کاتي طلب

Most Popular