گستاخ خاڪن جي اشاعت تي پاڪستان جو سخت احتجاج، فرانسيسي سفير پرڏيهي کاتي طلب

اسلام آباد: پاڪستان گستاخ خاڪن جي اشاعت ۽ فرانس جي صدر صدر جي بيان تي فرانسيسي سفير کي پريهي کاتي طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو آهي.گستاخ خاڪن جي اشاعت تي فرانسيسي سفير کي پرڏيهي کاتي طلب ڪيو ويو ۽ خاڪن جي اشاعت ۽ فرانس جي صدر جي گستاخاڻي بيان تي سخت احتجاج ريڪارڊ ڪرايو. فرانسيسي سفير کي اسپيشل سيڪريٽري يورپ احتجاجي خط حوالي ڪيو.معاملي جو پس منظر:هلندڙ مهيني فرانس ۾ سيموئل پيٽي نالي هڪ اسڪول ٽيچر ”آزادي جي اظهار“ جي نالي مذهبي نفرت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ هن پنهنجي شاگردن کي توهين جوڳا خاڪا ڏيکاريا هئا. جنهن تي 18 سالن جي نوجوان کيس قتل ڪري ڇڏيو هو. بعد ۾ پوليس حملي آور کي گولي هنئي هئي.

Read Previous

مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙيواندا مل! پالھي مل کي نياز چئجانءِ/ پيرن تي ھٿ رکجانءِ

Read Next

ڇا هي تصوير اصل آهي؟

Most Popular