ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ جبر خلاف پوري پاڪستاني قوم ڪشميرين سان گڏ آهي

سکر۔(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ جبر خلاف پوري پاڪستاني قوم ڪشميرين سان گڏ آهي.  انساني حقن جي لتاڙ ۽ گڏيل قومن جي منظور ڪيل قانون جي خلاف ورزي خلاف آواز اٿاريندا رهنداسين. ضلعي انتظاميه سکر پاران ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي لاءِ ڊي سي آفيس کان پريس ڪلب تائين واڪ ڪئي وئي.    ضلعي انتظاميه سکر پاران پوري ملڪ جيان ڪشميرين سان يڪجهتي طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو ان موقعي ضلعي انتظاميه سکر پاران اظهار يڪجهتي ريلي ڊي سي آفيس سکر کان پريس ڪلب سکر تائين ڪڍي وئي. ريلي ۾ ضلعي انتظاميه جي آفيسرن، سماجي بهبود کاتي، تعليم کاتي جي آفيسرن، استادن، اين جي اوز جي نمائندن، سول سوسائٽي، سول ڊفينس، وڪيل برادري ۽ شاگردن ٻانهن تي ڪاري پٽي ٻڌي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي .ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڀارت مسلسل ڪشميري عوام تي ظلم ڪري رهي آهي جيڪو انساني حقوق جي خلاف ورزي آهي هو جيترو به ظلم ڪري پر ڪشميري عوام جي آواز کي دٻائي نٿو سگهي ۽ انهن کي پنهنجي مرضي سان جيئڻ جو حق ڏنو وڃي. ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ جبر خلاف پوري پاڪستاني قوم ڪشميرين سان گڏ آهي. انساني حقن جي لتاڙ ۽ گڏيل قومن جي منظور ڪيل قانون جي خلاف ورزي خلاف آواز اٿاريندا رهنداسين. هنن وڌيڪ چيو ٿه اسان گڏيل قومن جي اداري کي اپيل ٿا ڪيون ته هو ڪشمير جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ هندوستان پاران ڪشميرين مٿان ٿيندڙ ظلم کي بند ڪرائي لاڪ ڊائون ختم ڪرائي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اڄ اسان سڀ وچن ٿا ڪريون ته اسان ڪشميرين جي جدوجهد ۾ ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهيون. ۽ پاڪستان سفارتي سطح تي ڪشمير جي آزادي لاءِ ڄاکوڙ جاري رکندو. ريلي ۾ ڪشمير جي آزادي جي حق ۾ نعرا لڳايا ويا .ريلي ۾ شرڪاء جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هيا. آخر ۾ ڪشمير جي آزادي لاءِ اجتمائي دعا گهري وئي.

Read Previous

فرانس ۾ گستاخ خاڪن جي اشاعت جي خلاف سکر ھاء ڪورٽ جي وڪيلن پاران احتجاج ڪيو ويو

Read Next

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سٽي سيوهڻ جي پرسنل سيڪريٽري سليم باجاري جي ناجائزين جي خلاف پريس ڪانفرنس

Most Popular