ڪراچي: ثقافت کاتي هڪ هزار فنڪارن، اديبن ۽ شاعرن جو پهريون ڀيرو هيلٿ انشورنس ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب ثقافت کاتي طرفان هڪ هزار فنڪارن، اديبن ۽ شاعرن جي پهريون ڀيرو هيلٿ انشورنس ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. فنڪار جلد ئي انشورنس مان فائدو حاصل ڪري سگهندا. اهو فيصلو ثقافت ۽ سياحت واري وزير سيد سردار علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيندڙ مينجمينٽ بورڊ آف انڊومنٽ فنڊ جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. هن جو چوڻ هو ته دنيا ۾ انشورنس جو نظام لاڳو آهي. ان لاءِ هاڻ اسان سڄي سنڌ ۾ به اهو سسٽم آڻي رهيا آهيون. قومي اسيمبلي اجلاس: پ پ اڳواڻ کي ايوان مان ٻاهر ڪڍڻ تي اپوزيشن جو اسپيڪر جي ڊائيس آڏو گوڙ