گستاخ خاڪن جي اشاعت خلاف سڄي سنڌ ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ

ڪراچي:   گستاخ خاڪن جي اشاعت واري معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي اپيل تي سڄي صوبي ۾ عدالتي معاملا معطل ڪيا ويا آهن.  سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي اپيل کان پوءِ هاءِ ڪورٽ ۾ سمورن ڪيسن جي ٻڌڻي معطل ڪئي وئي ۽ سمورا بورڊ ڊسچارج ڪيا ويا آهن. جڏهن ته سٽي ڪورٽ ۽ ٻين ماتحت عدالتي ۾ به عدالتي معاملا معطل ڪيا ويا آهن البته اهم ڪيسن جي ٻڌڻي ججن جي چيمبر ۾ ثيندي.  ٻئي طرف حيدراباد ۾ گستاخ خاڪن جي اشاعت واري معاملي تي سنڌ بار ڪائونسل جي اپيل تي  عدالتي معاملن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.هاءِ ڪورٽ بينچ، سرڪٽ بينچ ۽ ماتحت عدالتن ۾ ڪيسن جون ٻڌڻيون ملتوي ڪيون ويون جڏهن ته ٺٽي ۽ نوابشاهه ۾ به وڪيلن طرفان هڙتال ڪئي وئي.  وڪيل هڙتال سبب عدالتن ۾ پيش نه ٿيا جنهن سبب ڪيسن جون ٻڌڻيون ملتوي ٿي ويون. ياد رهي ته فرانس ۾ حڪومتي سرپرستي ۾ گستاخ خاڪن جي اشاعت ۽ پوءِ ان جي حق ۾ فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي بيان کان پوءِ سڄي دنيا ۾ فرانس جي خلاف احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ مسلم ملڪن ۾ فرانسيسي شين جي بائيڪاٽ واري مهم شروع ٿي وئي آهي.  پاڪستان به فرانس جي ان قدم جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ پارليامينٽ کان مذمتي قرارداد به منظور ڪئي وئي آهي جڏهن ته پاڪستان فرانسيسي سفير کي طلب ڪري احتجاج به رڪارڊ ڪرايو هو.

Read Previous

ثقافت کاتي هڪ هزار فنڪارن، اديبن ۽ شاعرن جا هيلٿ انشورنس ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري، چوويهه ڪلاڪن دوران چوڏنهن مريض حياتيون وڃائي ويٺا

Most Popular