ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري، چوويهه ڪلاڪن دوران چوڏنهن مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد:   ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن جو انگ وڌي 11 هزار 627 ٿي ويو آهي جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 14 مريض ڪورونا وگهي حياتيون وڃائي ويٺا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تارن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 825 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ  سڄي ملڪ ۾ گڏيل ڪيسن جو انگ 3 لک 30 هزار 200 ٿي ويو آهي.  اين سي او سي موجب فعال ڪيسن جو انگ وڌي 11 هزار 627 ٿي ويو آهي. جڏهن ته هينئر تائين ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 3 لک 11 هزار 814 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 14 فوتگيون رپورٽ ٿيون جنهن کان پوءِ گڏيل فوتين جو انگ 6 هزار 759 ٿي ويو آهي.  سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ هڪ لک 44 هزار 449، پنجاب ۾ هڪ لک 3 هزار 314، خيبرپختونخواهه ۾ 39 هزار 189، اسلام آباد ۾ 19 هزار 300، بلوچستان ۾ 15 هزار 859، آزاد ڪشمير 3 هزار 889 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 200 انگ ٿي ويو آهي.

Read Previous

گستاخ خاڪن جي اشاعت خلاف سڄي سنڌ ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ

Read Next

پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ سيريز جي لاءِ ڪمنٽري پينل جو اعلان

Most Popular