اسان تي تنقيد ڀلي ڪريو پر رياستي ادارن خلاف ڪي به ڳالهيون برداشت نه ڪيون وينديون: فواد چوڌري

اسلام آباد:  سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اسان تي تنقيد ضرور ڪريو پر رياستي ادارن جي خلاف ڳالهيون برداشت نه ڪنداسين.  وفاقي وزير فواد چوڌري قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ايوان ۾ اسپيڪر جي ڪرسي جي عزت هجڻ گهرجي ۽ آئين جي حدن ۾ رهندي احتجاج سڀني جو حق آهي. هن چيو ته مان پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي تحريڪ کي ڪڏهن به غير آئيني ناهي چيو. پر سوال جلسن ۾ ادارن جي خلاف تقريرن جو آهي. وفاقي وزير چيو ته پي ڊي ايم جو پهريون جلسو ادارن جي خلاف تقريرن تي هو جڏهن ته ٻيون ۽ ٽيون جلسو قومي زبان ۽ نامناسب تقرير جي لاءِ ڪيو ويو. اسان جي ڪارڪردگي تي تنقيد ضرور ڪريو پر رياستي ادارن جي خلاف ڳالهيون نه ڪريو. هن چيو ته مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ اياز صادق گذريل ڏينهن جيڪي ڳالهيون ڪيون انهن مان ڪنهن به هڪ تي متفق ناهيان. اسان ڀارت تي ان جي گهر ۾ گهڙي وار ڪيو. فواد چوڌري چيو ته محمود خان اچڪزئي جلسي ۾ چيو اسان اردو کي پنهنجي قومي زبان نٿا مڃون. اسان کي گلا انهن دوستن کان آهي جن جي خاموشي معنيٰ جوڳي آهي. اپوزيشن اڳواڻن کي مخاطب ٿيندي هن چيو ته اوهان گهٽين ۾ ڦري رهيا آهيو آئون چوان ٿو ته اچو اسان سان گڏ ملي ويهي ڳالهيون ڪريو.

Read Previous

اڀينندن جي آزادي کي ڪنهن ٻئي شيءَ سان ڳنڍڻ گمراهه ڪندڙ آهي: پاڪ فوج جو ترجمان

Read Next

اسان جي تحريڪ ڪاميابي سان اڳيان وڌي رهي آهي، موجوده حڪومت مان عوام بيزار آهي: فضل الرحمان

Most Popular