اڀينندن جي آزادي کي ڪنهن ٻئي شيءَ سان ڳنڍڻ گمراهه ڪندڙ آهي: پاڪ فوج جو ترجمان

راولپنڊي: پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته ڪالهه هڪ اهڙو بيان ڏنو ويو جنهن ۾ تاريخ کي چٿڻ جي ڳالهه ڪئي وئي. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته اڄ جي پريس ڪانفرنس جو ون پوائنٽ ايجنڊا رڪارڊ جي درستگي آهي. گذريل ڏينهن هڪ بيان ڏنو ويو جنهن ۾ تاريخ کي چٿڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون.  هن چيو ته اهڙن منفي بيانن سان قومي سلامتي تي اثر پوندا آهن. منفي بيان ڀارت جي شڪست ۽ بزيمت کي گهٽ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.  هن چيو ته پلوامه واقعي کان پوءِ ڀارت 26 جنوري تي نه صرف شڪست کاڌي پر سڄي دنيا ڏٺو ته دشمن جا جهاز جيڪو بارود پاڪستان جي عوام مٿان ڪيرائڻ آيا هئا اهي خالي  جبلن ۾ اڇلي  ويا. پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته پاڪ فوج جي جوانن دشمنن جي ارادن کي ناڪام بنايو. پاڪستان ڀارت کي ڏينهن جي روشني ۾ جواب ڏنو، دشمن جا 2 جهاز ڪيرايا ويا، پائلٽ اڀينندن کي به گرفتار ڪيو ويو. الله جي راضپي سان اسان کي هندستان جي خلاف واضح سوڀ نصيب ٿي. ۽ سڄي قوم جو ڪنڌ فخر سان مٿي ٿيو پاڪستان جي فتح کي سڄي دنيا ۾ مڃيو ويو. هن چيو ته ڀارتي پائلٽ ابهي ننڊن جي آزادي  کي ٻئي ڪنهن شيءَ سان ڳنڍڻ انتهائي گمراهه ڪندڙ آهي اها شيءَ ڪنهن به پاڪستاني جي لاءِ قبول جوڳي ناهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اڀينندن کي جينيوا ڪنوينشن جي تحت آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پاڪستان  هڪ ذميوار رياست جي طور تي هڪ موقعو ڏيندي اڀينندن کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان جي اڀينندن کي آزاد ڪرڻ جي فيصلي جي سڄي دنيا تعريف ڪئي.

Read Previous

پاڪستان مسلم ليڳ نواز,جي اعلي قيادت ڪنوينشن الوحید ھال سانگهڙ ۾ متحده استقبال ڪيو ويو

Read Next

اسان تي تنقيد ڀلي ڪريو پر رياستي ادارن خلاف ڪي به ڳالهيون برداشت نه ڪيون وينديون: فواد چوڌري

Most Popular