وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف قمر جاويد باجوه جي ملاقات

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملاقات ڪئي آهي.   وزيراعظم هائوس موجب وزيراعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران پاڪ فوج جي پيشوارانه معاملن تي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ملڪ جي سلامتي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. جڏهن ته ملاقات ۾ دهشتگردي جا تازا واقعا به غور هيٺ آيا. وزيراعظم عمران خان پاڪ فوج، ايف سي ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪيو. جڏهن ته وزيراعظم ملڪ مٿان پنهنجون حياتيون قربان ڪندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن کي به خراج عقيدت پيش ڪيو.  ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان ملڪ جي تحفظ لاءِ سيڪيورٽي ادارن جي قربانين جي تعريف  ڪندي چيو ته سموري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ گڏ آهي.

Read Previous

اسان جي تحريڪ ڪاميابي سان اڳيان وڌي رهي آهي، موجوده حڪومت مان عوام بيزار آهي: فضل الرحمان

Read Next

گستاخ خاڪن جو دفاع ڪرڻ سان تشدد ۽ رتوڇاڻ وارن واقعن ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي:ايران

Most Popular