گستاخ خاڪن جو دفاع ڪرڻ سان تشدد ۽ رتوڇاڻ وارن واقعن ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي:ايران

تهران:  ايراني صدر حسن روحاني خبردار ڪيو آهي ته فرانس طرفان پيغمبر اسلام محمد مصطفيٰ صه جي شان ۾ گستاخ ۽ توهين وارن خاڪن جو دفاع ڪرڻ سان تشدد ۽ رتو ڇاڻ وارن واقعن ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي.  خبرون ڏيندڙ اداري اي ايف پي موجب ايران جي سرڪاري ٽيليويزن تان نشر ٿيندڙ ڪابينه جي اجلاس ۾ ايراني صدر چيو ته پيغمبر اسلام صه جي توهين ڪابه ڪاميابي ناهي پر اهو غير اخلاقي تشدد جي واقعن ۾ واڌ وارو عمل به ٿي سگهي ٿو. حيرت انگيز طور تي اهو سڀ ڪجهه اهي ماڻهو ڪري رهيا آهن جيڪي جمهوريت ۽ تهذيب جا دعويدار آهن. اڻ ڄاڻائي ۾ ئي سهي پرهو تشدد ۽ رتو ڇاڻ وارن  واقعن کي هوا ڏئي رهيا آهن. ايراني صدر اهڙيون ڳالهيون ڪابينه جي اجلاس دوران ڪيون،. هوڏانهن ترڪي به فرانسيسي ميگزين چارلي  ايبدو ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردوان جا ڪارٽون شايع ڪرڻ تي قانون ۽سفارتي ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.  ترڪ ايوان صدر جي جاري ڪيل بيان موجب اسان پنهنجي عوام کي يقين ڏياريون ٿا ته هن ڪارٽونن جي خلاف ضروري قانوني ۽ سفارتي ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ان حوالي سان ترڪي جي پراسيڪيوٽر آفيس چارلي ايبدو جي خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

Read Previous

وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف قمر جاويد باجوه جي ملاقات

Read Next

فرانسيسي صدر خلاف مسلم دنيا ۾ احتجاج جو سلسلو جاري، ڍاڪا ۾ لکن ماڻهن جو مظاهرو

Most Popular