تهران: ايراني صدر حسن روحاني خبردار ڪيو آهي ته فرانس طرفان پيغمبر اسلام محمد مصطفيٰ صه جي شان ۾ گستاخ ۽ توهين وارن خاڪن جو دفاع ڪرڻ سان تشدد ۽ رتو ڇاڻ وارن واقعن ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي. خبرون ڏيندڙ اداري اي ايف پي موجب ايران جي سرڪاري ٽيليويزن تان نشر ٿيندڙ ڪابينه جي اجلاس ۾ ايراني صدر چيو ته پيغمبر اسلام صه جي توهين ڪابه ڪاميابي ناهي پر اهو غير اخلاقي تشدد جي واقعن ۾ واڌ وارو عمل به ٿي سگهي ٿو. حيرت انگيز طور تي اهو سڀ ڪجهه اهي ماڻهو ڪري رهيا آهن جيڪي جمهوريت ۽ تهذيب جا دعويدار آهن. اڻ ڄاڻائي ۾ ئي سهي پرهو تشدد ۽ رتو ڇاڻ وارن واقعن کي هوا ڏئي رهيا آهن. ايراني صدر اهڙيون ڳالهيون ڪابينه جي اجلاس دوران ڪيون،. هوڏانهن ترڪي به فرانسيسي ميگزين چارلي ايبدو ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردوان جا ڪارٽون شايع ڪرڻ تي قانون ۽سفارتي ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ترڪ ايوان صدر جي جاري ڪيل بيان موجب اسان پنهنجي عوام کي يقين ڏياريون ٿا ته هن ڪارٽونن جي خلاف ضروري قانوني ۽ سفارتي ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ان حوالي سان ترڪي جي پراسيڪيوٽر آفيس چارلي ايبدو جي خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.