ڳڙھي خيرو: جي يو آءِ ۽ جي ٽي آءِ پاران گستاخ خاڪن خلاف مظاهرو، مارچ ۽ ڌرڻو

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري(  جي يو آءِ ۽ جي ٽي آءِ پاران گستاخ خاڪن خلاف مظاهرو، مارچ ۽ ڌرڻو.  خبر موجب موجب جمعيت علماء اسلام ۽ جمعيت طلباء اسلام پاران پياري پيغمبر صله جي گستاخ خاڪن شايع ڪرڻ جي خلاف ھڪ احتجاجي مظاهرو جي يو آء جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري،جي ٽي آء جي ضلعي صدر خليل الرحمان سرڪي، حاجي محمد عباس بنگلاڻي، حمادالله انصاري ،غلام مرتضي حيدري،فاروق احمد پھوڙ، محڪم الدين بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جامع مسجد جونگل کان ڪڍيو ويو. مظاهرين کي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ ھئا جن تي پاڪ ھستين جي گستاخي شيم شيم. پياري پيغمبر صلي الله عليه وسلم جا خاڪا نامنظور جھڙا نعرا لکيل ھئا. وڏي انگ ۾ مظاهري ۾ شريڪ ڪارڪنن ۽ شھرين مختلف رستن تي مارچ ڪري فرانس ۽ گستاخي ڪندڙن خلاف نعري بازي ڪئي بعد۾ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ۽ روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ان موقعي تي مقررين چيو ته مغربي ملڪن اسلاموفوبيا ۾ ورتل آهي فرانس ۽ ٻين ملڪن ۾ پياري پيغمبر صله جا گستاخ خاڪا ٺاهي ڏيڍ ڪروڙ مسلمانن جي جذبات کي مجروح ڪيو ويو آهي. ھنن چيو توھين رسالت ناقابل برداشت جرم آهي پياري پيغمبر صله لاءِ ھر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون ۽ مطالبو ڪيو پاڪستان فرانس جي سفير کي نيڪالي ڏئي ان جي مصنوعات جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري.

Read Previous

غير سرڪاري تنظيم ھينڊس طرفان گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ 130 شاگردن ۾ صابڻ ورھايا

Read Next

پهرين نومبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان

Most Popular