پهرين نومبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان

اسلام آباد:  آئل اينڊ گيس ريگوليٽر اٿارٽي(اوگرا) پهرين نومبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 2  روپيه في ليٽر تائين گهٽتائي جي سفارش ڪئي آهي. اوگرا طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جي سمري حڪومت  ڏانهن موڪلي وئي آهي. سمري ۾ پيٽرول هڪ روپيه 50 پئسا في ليٽر سستو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ 2 روپيه في ليٽر تائين گهٽتائي جي تجويز ڏني وئي آهي. سمري ۾ پيٽرول هڪ روپيو 50 پئسا، في ليٽر سستو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ 2 روپيه في ليٽر گهٽتائي جي تجويز ڏني وئي آهي. اوگرا اختيارين طرفان چيو ويو آهي ته پيٽروليم ليوي جي شرح وڌائي اگهه برقرار به رکي سگهجن ٿا. وزيراعظم عمران خان جي منظوري کان پوءِ ناڻي واري وزارت پيٽروليم وارين  شين جي اگهن بابت اعلان اڄ ڪندي. پيٽروليم شين جي نون اگهن جو تعين 15 ڏينهن جي لاءِ ڪيو ويندو. ان کان علاوه وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جا اگهه  برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو هو. پيٽرول جا اگهه 103.97 روپيه في ليٽر برقرار رکي وئي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل 104.06 روپيه في ليٽر برقرار رکيو ويو. گاسليٽ 65.29 روپيه في ليٽر تي برقرار رهيو. جڏهن ته لائٽ ڊيزل 62.86 روپيه في ليٽر برقرار رکي وئي. ان کان علاوه آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هيٺ مٿانهين جي سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن موڪلي ڇڏي هئي. ذريعن 16 آڪٽوبر کان پيٽروليم شين تي لاڳو ڪيل پيٽروليم ليوي ۾ گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو هو.

Read Previous

ڳڙھي خيرو: جي يو آءِ ۽ جي ٽي آءِ پاران گستاخ خاڪن خلاف مظاهرو، مارچ ۽ ڌرڻو

Read Next

حڪومت سياسي جهيڙي ۾ پاڪ فوج کي شامل نه ڪري، پنهنجي موقف تي قائم آهيان: اياز صادق

Most Popular