وفاقي وزير علي زيدي جو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي ويو

ڪراچي:   وفاقي وزير علي زيدي جو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي ويو آهي.  رپورٽ موجب سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ علي زيدي ٻڌايو آهي ته منهنجو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري  اچي ويو آهي جنهن سبب مان پنهنجو پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته مان سوشل ميڊيا جي پليٽ فارمز تي ان سمورن ماڻهن کي بي نقاب ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن هن ملڪ کي لٽيو آهي. ان کان علاوه مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مصدق ملڪ جو به ڪورونا وائرس ٽيسٽ هاڪاري آيو آهي جنهن کان پوءِ هن پنهنجو پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته ملڪ ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر اچي چڪي آهي ۽ هر ايندڙ ڏينهن ان ۾ شدت ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي پئي وڃي.

Read Previous

وزيراعظم گلگت بلتستان کي عبوري صوبائي حيثيت ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

وزيراعظم هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇڏيو، گلگت جي عوام کي نئون صوبو مبارڪ هجي: فواد چوڌري

Most Popular