پنوعاقل: شهر ۾ بااثر ماڻهو کلي عام دڪانن، مارڪيٽون ۾ آڪڙا بڪي جوا جا اڏا کلي عام هلائڻ لڳا آهن: شهري

پنوعاقل ( رپورٽ فيصل حيات جهنڊير ) سڄي سنڌ ۾ عاقلن جي شهر طور مڃتا حاصل ڪندڙ وڏي آباد واري پنوعاقل شهر سميت سانگي، هنڱورو، دادلوءِ، بخشو سيلرو، سلطانپور، ٺڪراٺو، نوراجا، سومرا، ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ آڪڙا جوا مافيه وڏي پئماني تي پکڙجي وئي پنوعاقل وچ شهر ۾ سونو، اشوڪ، حفيظ، اسٽيشن روڊ تي حيدري، سانگي ۾ غفور مهر، دادلوءِ ۾ ساجد سيلرو، بخشو سيلرو ۾ گنور سيلرو سميت ڪيترائي بااثر ماڻهو کلي عام دڪانن، مارڪيٽون ۾ آڪڙا بڪي جوا جا اڏا کلي عام هلائڻ لڳا آهن جيڪو عمل ڪافي عرصي کان هلندڙ آهي انهن جوا جي سينٽرن تان هر پنڌرين ڏينهن جنهن کي چاند رات جو نالو ڏنو وڃي پيو اتي ويھ کان ٽيھ لکن تائين في اڏي تي غريب بيروزگار اٻوجھ ماڻهن کان ڪروڙ روپين جو انعام ملڻ جي لالچ ۾ پرچيون ڪٽرائي ٻئي ڏينهن تي جوا مافيه جا ماهر گم ٿيو وڃن پيا جوا سان گڏوگڏ پيرواھ وٽ ڪرائي جي هڪ جاءِ ۾ حاجي عرف لعل بوزدار جي هيروئين جو اڏو به کلي عام هلندڙ آهي جوا منشيات کلي عام هلڻ سبب هزارين ماڻهو فرجي ويا ڪيترن ئي گھر زمينون ۽ ٻيو سامان به وڪرو ڪري ڇڏيو منشيات، هيروئين سبب ڪيترائي ماڻهو نوجوان موت مار نشي جا آدي بڻجي ويا جنهن سبب انهن جو اعلاج به ناممڪن بڻجي ويو هم خيال ڪلوڙ ايسوسيئيشن جي مرڪزي صدر غلام مصطفيٰ ڪلوڙ، گل زمان ڪلوڙ، ايس ٽي پي جي نور مهر، اصغر سنڌي، محمّد افضل، جي يو آءِ جي قاري عبدالرحيم سڪندري، ۽ ٻين تعلقي پنوعاقل ۽ ضلعي سکر جي پوليس انتظاميه کان سريعام هلندڙ جوا منشيات سماجي برائين جا اڏا بند ڪرائڻ جي گھر ڪندي چيو آهي ته اهڙي عمل سبب نه رڳو سوين هزارين ماڻهن کي لٽيو وڃي پيو نشي سبب سوين نوجوان مريض بڻجي ويا آهي جوا منشيات جي ڪري اسٽريٽ ڪرائيم ۾ پڻ تعلقي پنوعاقل ۾ وڏي پئماني تي اضافعو ٿيو آهي جيڪڏهن فوري ڪاروائي نه ٿي ته پريس ڪلب پنوعاقل آڏو احتجاجي مظاهري ڪرڻ بعد علامتي بک هڙتال شروع ڪري ويندي

Read Previous

ڀان سيدآباد ۾ هڪ نئون زهريلي سوپارين جو هول سيلر ظاهر ٿي ويو

Read Next

ڪجه مجبوري تحت وياج تي پيسا ورتا هئا جيڪي ٽائيم تي ڏيندو رهيس پر پوءِ به وياجيء ماڻهو پريشان ڪري رهيا آهن

Most Popular