ڀان سيدآباد ۾ هڪ نئون زهريلي سوپارين جو هول سيلر ظاهر ٿي ويو

سيوهڻ شريف رپورٽ (محمد حنيف شاهاڻي) ڀان سيدآباد ۾ هڪ نئون زهريلي سوپارين جو هول سيلر ظاهر ٿي ويو جيڪڏهن ڪير صحافي به هن جي باري ۾ لکي ٿو ته انهي صحافي ڏي پنهنجا گهنڊا موڪلي ڌمڪيون ڏيارڻ لڳو ، وزير اعلا سنڌ جي پنهنجي ڳوٺ واهڙ ۾ Z 21 جهڙي سوپارين جو وڪرو سرعام نه ڪير ڪڇي؟ نه ڪير پڇي؟  تفصيل موجب وزير اعلا سنڌ جي پنهنجي ڳوٺ واهڙ مان Z 21 زهريليون سوپاريون پوري تعلقي سيوهڻ ۾ هي ڊيلر جانو عرف جان محمد ڪنڀر وڪرو ڪندو آھي هي ڊيلر سر عام پوليس کي به وزير اعلا سنڌ جي ڳوٺ جو سڏائي انهي جي نالي تي سرعام زهريليون سوپاريون هول سيل ڪندو آھي ۔ ڀان سيدآباد پوليس وزير اعلا جي ڳوٺ جي ڪري هن زهريلي سوپارين جي ڊيلر کي رنڊ روڪ ڪرڻ يا گرفتار ڪرڻ ۾ مجبورآھي۔

Read Previous

سري لنڪا ۾ ڪرڪيٽرز اسمگلنگ جو اسڪينڊل سامهون اچي ويو

Read Next

پنوعاقل: شهر ۾ بااثر ماڻهو کلي عام دڪانن، مارڪيٽون ۾ آڪڙا بڪي جوا جا اڏا کلي عام هلائڻ لڳا آهن: شهري

Most Popular