ڪراچي ۾ معصوم نينگر آرزوءَ راجا کي اغوا ڪري زبردستي مذھب تبديل ڪرڻ ۽ خلاف اقليتي برادري ۽ سول سوسائٽي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

نوابشاهه(رپورٽ:دانش حيدر) ڪراچي ۾ معصوم نينگر آرزوءَ راجا کي اغوا ڪري زبردستي مذھب تبديل ڪرڻ ۽ فرانس ۾ نبي صه جي شان ۾ گستاخي وارا خاڪا شايع ڪرڻ واري عمل خلاف اقليتي برادري ۽ سول سوسائٽي پاران فادر صابر صادق، سسٽر الزبٿ فلپ، لال چند، ڪرشنا نعمان، اڪرم خاصخيلي، ميڊم نائلا رفيق، وليم ڊيوڊ، پادري الياس برڪت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيٿلڪ چرچ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته ڪراچي ۾ معصوم نينگري آرزوءَ راجا جنھن جي عمر اڃان راند کيڏڻ جي آھي جنھن اغوا ڪري ان زبردستي مذھب تبديل ڪرائي ھڪ وڏي عمر جي شخص سان شادي ڪرائي وئي آهي جيڪو انتھائي افسوسناڪ عمل آهي، ھنن چيو ته اقليتن کي حقن ڏيڻ بجاءِ انھن کي تڪليفون ڏنيون وڃن ٿيون، ھنن چيو ته فرانس ۾ نبي صه جي شان ۾ گستاخي وارا خاڪا شايع ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن مطالبو ڪيو ته فرانس ۾ نبي پاڪ صه جي شان ۾ گستاخي وارا خاڪا شايع ڪندڙ ملڪ فرانس سان سفارشي تعلقات ختم ڪري ملڪ مان فرانسيسي سفير کي نيڪالي ڏني وڃي.

Read Previous

مون پنهنجي مرضي سان غلام شبير سان شادي ڪئي آهي پر هاڻي مائٽ جان جا ويري بڻجي ويا آهن : پيار جو پرڻو ڪندڙ ناري

Read Next

وفاقي حڪومت مهانگائي جي حد ڪري ڇڏي آهي پي ڊي ايم ڪرپٽ ماڻهن تي مشتمل ٽولو آهي: فنڪشنل ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار رحيم

Most Popular