وفاقي حڪومت مهانگائي جي حد ڪري ڇڏي آهي پي ڊي ايم ڪرپٽ ماڻهن تي مشتمل ٽولو آهي: فنڪشنل ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار رحيم

مٽياري :وفاقي حڪومت مهانگائي جي حد ڪري ڇڏي آهي پي ڊي ايم ڪرپٽ ماڻهن تي مشتمل ٽولو آهي جيڪو پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ ميدان تي لٿل آهي سنڌ جي ٻيٽن تي پهريون حق سنڌ جو آهي وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس کي رد ڪريون ٿا وفاقي توڙي سنڌ حڪومت صرف ٻن ٻيٽن نه پر سنڌ جي ساحلي پٽي تي واقع 350 ٻيٽن تي ناجائز قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن. جنرل سيڪريٽري ف ليگ سنڌ سردار رحيم تفصيل موجب فنڪشنل ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار رحيم مٽياري ۾ جي ڊي اي اڳواڻ سيد حاجي جلال شاھ ڄاموٽ جي رهائشگاه تي پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت مهانگائي جي حد ڪري ڇڏي آهي غريب مسڪين ماڻهن ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آهي پيپلزپارٽي هميشه سنڌ سان ويساگهاتي ڪئي آهي اهو ٻٽو نظام هجي يا سنڌ جا ٻيٽ زرداري ليگ هميشه سنڌ کي تقسيم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو آهي هنن چيو ته پي ڊي ايم ڪرپٽ ماڻهن تي مشتمل هڪ ٽولو آهي جيڪو پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ خاطر سرگرم ٿي ويو آهي نواز شريف ۽ آصف زرداري جا ٻار ٻاهرين دنيا ۾ رهن ٿا انهن کي پاڪستانين سان ڪابه همدردي ناهي فنڪشنل ليگ هميشه سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيو آهي اسين وفاق پاران سنڌ جي ٻيٽن جي حوالي جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس کي مڪمل طور رد ڪريون ٿا وفاقي توڙي صوبائي حڪومت جي ملي ڀڳت سان صرف سنڌ جي ٻن ٻيٽن نه پر سنڌ جي ساحلي پٽي تي واقع 350 ٻيٽن سميت 360 ڪلوميٽر ساحلي پٽي تي قبضي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪا ڪل 10 لک ايڪڙن تي مشتمل سنڌ جي زمين آهي اسين ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي زمين تي قبضو برداشت نه ڪنداسين هنن چيو ته اسين ذوالفقار علي ڀٽو جو احترام ڪريون ٿا پر زرداري ليگ سنڌ جي دشمن پارٽي بڻجي وئي آهي ايندڙ عام چونڊن ۾ پوري سنڌ مان فنڪشنل ليگ ڪاميابي حاصل ڪندي عوام هاڻي زرداري ليگ مان تنگ ٿي چڪو آهي اسين وفاقي حڪومت جا اتحادي هجڻ باوجود حڪومت جي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهيون وفاقي حڪومت کي مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي پاليسي جوڙڻ گهرجي اسين عوام جو درد محسوس ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي جي ڊي اي اڳواڻ سيد حسن مرتضي شاھ ڄاموٽ، فنڪشنل ليگ سنڌ جو رابطا سيڪريٽري عبدالڪريم شيخ، جوائنٽ سيڪريٽري ارشد شر، سيد اسامہ جعفري، ف ليگ ضلعي مٽياري جو جنرل سيڪريٽري شعيب بلوچ ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا

Read Previous

ڪراچي ۾ معصوم نينگر آرزوءَ راجا کي اغوا ڪري زبردستي مذھب تبديل ڪرڻ ۽ خلاف اقليتي برادري ۽ سول سوسائٽي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Read Next

مورو : جوابدار جاڙو ڏھر جي گھر تي ڇاپو ھڻي ھڪ پسٽل ۽ ٻہ موٽرسائيڪلون ھٿ ڪيون آھن : پوليس

Most Popular