حڪومت بابت جيڪا ڳالهه ڪئي اها صحيح هئي: اياز صادق

لاهور:  مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ اياز صادق چيو اهي ته جيڪو چوڻو هو چئي ڇڏيو ۽ پوءِ ان جي وصاحت به ڪري ڇڏي. مان حڪومت جي باري ۾ جيڪا ڳالهه ڪئي اها صحيح هئي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي (ن) ليگ اڳواڻ  ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته وزيراعظم عمران خان کي 2 ڀيرا اليڪشن ۾ شڪست ملي. ان ڪري هاڻ هو ذاتيات تي لهي آيو آهي. مون سان ذاتي انا جي ڪري حڪومت لاهور ۾ مودي ۽ ڀارت جي جهنڊن واريون تصويرون لڳايون. مان 2002 کان اليڪشن ۾ کٽيندو آيو آهيان جيڪڏهن اوهان کي هر ڀيري غدار چيو ويندو ته اوهان ڇا ڪندو.  ڪڏهن اوهان کي غدار ته وري ڪڏهن مودي جو يار چيو ويندو ڇا ان سان اوهان جي دل کي تڪليف نه ٿيندي. اياز صادق چيو ته مون کي جيڪو چوڻو هو چئي ڇڏيو ۽ پوءِ ان جي وصاحت به ڪري ڇڏي. مون حڪومت جي جيڪا ڳالهه ڪئي اها ٺيڪ ڪئي.  فواد چوڌري جون ڳالهيون اڳيان کڻي هلان ته ملڪي مفاد ۾ ناهن ان ڪري اهي  ڳالهيون ڪيون وڃن. جنهن ۾ مفاد آهي اهي ڳالهيون نه ڪريو جنهن سان ڪا ٻئي ڳالهه ٿي وڃي.

Read Previous

شرميلا فاروقي جون دل ڌوڏيندڙ نيون تصويرون سامهون اچي ويون

Read Next

وزيراعظم عمران خان ننڍين صنعتن جي لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular