وزيراعظم عمران خان ننڍين صنعتن جي لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو

عمران خان

اسلام آباد:  وزيراعظم عمران خان ننڍين صنعتن جي لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان ننڍين صنعتن جي لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پهرين نومبر 2020 تي ننڍين صنعتن کي واڌو بجلي 50 سيڪڙو گهٽ اگهن تي ڏينداسين.  پهرين نومبر کان ننڍين ۽ وچولي صنعتن کي بجلي نومبر 2019 جي ريٽ کان 50 سيڪڙو گهٽ تي ڏينداسين. هن چيو ته سمورين صنعتن کي ايندڙ ٽن سالن تائين 25 سيڪڙو گهٽ اگهن تي بجلي فراهم ڪئي ويندي ۽ ڪوبه پيڪ آوور نه هوندو.  عمران خان چيو ته گاڏين جي سيل وڌي وئي آهي ۽ تعميراتي صنعت اڳيان وڌي رهي آهي. اڄ جنهن پيڪيج جو اعلان ڪيو ان سان صنعتي ترقي ۾ واڌ ٿيندي. مقابلي جي هن دور ۾ پاڪستان ۾ صنعتن کي ملندڙ بجلي مهانگي آهي. بجلي ٺاهڻ جا مهانگا معاهدا ڪيا ويا هئا. اسان جي انڊسٽري بجلي مهانگي هجڻ سبب مقابلو نٿو ڪري سگهي.

Read Previous

حڪومت بابت جيڪا ڳالهه ڪئي اها صحيح هئي: اياز صادق

Read Next

آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ رانا ثناءُالله ڏهه نومبر تي طلب

Most Popular