آمريڪا ۾ صدارتي چونڊون اڄ ٿينديون، دنيا جي طاقتور شخص جو فيصلو آمريڪي عوام ڪندي

واشنگٽن: آمريڪا ۾ صدارتي چونڊون اڄ ٿي رهيون آهن جنهن ۾ دنيا جي سڀني کان وڌيڪ طاقتور شخص جو فيصلو اڄ ڪيو ويندو.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي موڪل ٿيندي يا کيس وڌيڪ 4 سال ملندا ان جو فيصلو اڄ آمريڪي عوام ڪندي. ڊيموڪريٽ اميدوار جوبائيڊن ۽ ري پبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ ۾ اڄ سخت مقابلو ٿيندو. سڄي دنيا نظرون آمريڪا تي ڄمائي ورتيون.9 ڪروڙ 70 لک کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري چڪا آهن جنهن ۾ ڊيموڪريٽ اميدوار جوبائيڊن کي واضح برتري حاصل آهي. تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته 2020 جي آمريڪي چونڊن ۾ 15 کان 16 ڪروڙ آمريڪي شهري پنهنجو حق استعمال ڪندا جيڪو ڪنهن به اڳوڻين چونڊن جي مقابلي ۾ سڀني کان وڌيڪ ٽرن آئوٽ هوندو.واضح رهي ته ارلي ووٽ ۾ صدارتي اميدوار جوبائيڊن کي ڊونلڊ ٽرمپ جي مقابلي ۾ 7 رياستن کان برتري حاصل آهي. برطانوي اخبار گارجين موجب جوبائيڊن کي فلوريڊا، پينسلوانيه، مشي گن ۽ اتر ڪيرولائينا ۾ ٽرمپ جي مقابلي ۾ برتري حاصل آهي. چونڊ جائزي جي تحت ايري زونا، ويسڪونسن ۽ ايووا ۾ به جوبائيڊن موجوده امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مقابلي ۾ اڳيان آهن.

Read Previous

ٽيون ون ڊي: زمبابوي جي ٽيم پاران پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو

Read Next

سکر : ھينئر وري سپلا جي اڳواڻ نامور پروفيسر عبد الجبار جوڻيجو مٿان حملو ڪري کيس وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آھي

Most Popular